پاڪستاني اداڪارا عليزي پنهنجي منفرد لباس تي ٿيندڙ تنقيد جو جواب ڏئي ڇڏيو آهي.
تازو ئي هن هڪ نجي ٽي وي جي شو جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي، شُو ۾ اداڪارا جي ڪيٽ واڪ ڪندي وڊيو وائرل ٿي وئي هئي.
سوشل ميڊيا تي هن جي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد بولڊ لباس پائڻ تي کيس تنقيد جو نشانو بڻايو ويو پئي.
وائرل ٿيندڙ وڊيو تي واهپيدارن تبصرو ڪندي اداڪارا تي نشو ڪرڻ جا الزام لڳايا.
اداڪارا به تنقيد ڪندڙن کي جواب ڏيندي چيو ته فوٽُو اينڊ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي اسٽوري شيئر ڪئي ۽ کين منهن ٽوڙ جواب ڏنو.
هن پنهنجي اسٽوري ۾ لکيو ته پوءِ به آئون گهر ۾ ويهي ڪري بڪواس ڪرڻ وارن کان سٺي لڳي رهي هيس.
You might also like