ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڇا اوهان ڪڏهن غور ڪيو آهي ته مڱڻي جي منڊي هميشا ساڄي هٿ جي چوٿين آڱر ۾ ڇو پاتي ويندي آهي؟
يقين ڪرڻ ڏکيو هوندو پر منڊي کي ان مخصوص آڱر ۾ پائڻ جو هڪ خاص سبب آهي ۽ ان لاءِ ان کي رنگ فنگر به چيو ويندو آهي.
اصل ۾ هي هزارين سال پراڻي روايت آهي جنهن تحت مڱڻي يا شادي جي منڊي کي ان مخصوص آڱر ۾ پاتو ويندو آهي.
قديم آثارن جي ماهرن موجب قديم مصر جي دور ۾ به ماڻهو شادي جي منڊي پائيندا هئا جڏهن ته قديم روم ۽ يونان ۾ به اهڙي تاريخ ملي ٿي.
ماهرن چيو ته آڳاٽي دور ۾ اهو تصور ڪيو ويندو هو ته ساڄي هٿ جي چوٿين آڱر ۾ موجود رڳ سڌي دل تائين ويندي آهي.
ان زماني ۾ دل کي اسان جي جذبات جو مرڪز تصور ڪيو ويندو آهي، ان لاءِ قديم روم ۾ ان رڳ کي محبت جي رڳ چيو ويندو هو.
اهو ئي سبب آهي جو شادي يا مڱڻي جي منڊي ساڄي هٿ جي چوٿين آڱر ۾ پاتي ويندي آهي ۽ اهو تصور ڪيو ويندو آهي ته شريڪ حيات سان لاڳاپا مضبوط ٿيندا.
مختلف ثقافتن ۾ ساڄي بدران کاٻي هٿ ۾ منڊي پارائي ويندي هئي، پر آڱر ساڳي چوٿين هوندي هئي.
اصل ۾ حقيقت اها آهي ته انسانن ۾ اهڙي ڪا به رڳ ناهي هوندي ۽ دل رت پمپ ڪندڙ عضوو آهي.
ان جي باوجود صدين کان هلندڙ هن روايت۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي ۽ هاڻي به مڱڻي يا شادي جي منڊي کاٻي هٿ جي چوٿين آڱر ۾ پاتي ويندي آهي.
اصل ۾ اڃان به ڪجهه ماڻهو سمجعهن ٿا ته کاٻي جٿ جي چوٿين آڱر سان دل جي رڳ ملندي آهي ۽ اها منڊي پائڻ رومانوي جذبن جو اظهار آهي.