انڊونيشيا ۾ ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ، گهٽ ۾ گهٽ 34 ڄڻا فوت

جڪارتا (ويب ڊيسڪ) انڊونيشيا جي اولهه صوبي سماترا ۾ تيز برساتن سبب ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 34 ڄڻا فوت ۽ 16 ڄڻا گم ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ ايجنسي هڪ بيان ۾ ٻڌايو ته رات ايندڙ ٻوڏ سان تاناه داتار ريجنسي ٻڏي وئي، جنهن سان 5 ذيلي ضلعا متاثر ٿيا آهن.
بيان ۾ چيو ويو ته تازي ترين جائزي موجب 84 هائوسنگ يونٽ ۽ 16 پلون به تباهه ٿي ويون آهن، روڊ تائين پهچ کي ممڪن بڻائڻ لاءِ ڳري مشينري مقرر ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.