پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين آفريدي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ 300 وڪيٽون مڪمل ڪري ورتيون آهن.
شاهين آفريدي آئرلينڊ خلاف ٻين ٽي ٽوئنٽي مئچ ۾ اهو سنگ ميل عبور ڪري ورتو.
هن 145 انٽرنيشنل ميچن ۾ 300 وڪيٽون حاصل ڪيون.
شاهين آفريدي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 113 جڏهن ته ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ 104 وڪيٽون حاصل ڪيون آهن.
ان کان علاوه شاهين آفريدي ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز ۾ به 84 وڪيٽون حاصل ڪري چڪو آهي.