مردن کي ڪيلو ڇو کائڻ گهرجي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪيلو هڪ مزيدار ۽ سستو ميوو آهي ۽ پر ان جي خاصيتن بابت ماڻهو گهٽ ڄاڻن ٿا ڇو ته ڪيلي ۾ ته فائدن جو خزانو لڪيل آهي، اهو ئي سبب آهي جو ڊاڪٽر به ڪيلا کائڻ جي صلاح ڏيندا آهن.

ڪيلي ۾ انسان لاءِ ڪيترائي فائدا آهن، ڪيلي ۾ پوٽاشيم، وٽامن سي، وٽامن بي سڪس، فائبر جو جهجهو مقدار هوندو آهي جڏهن ته هن ۾ ڪيلوريز گهٽ هونديون آهن، هي هڪ اينٽي آڪسيڊنٽ به آهي.

اهڙي ريت هي هاضمي واري نظام کي بهتر ڪرڻ سان گڏوگڏ دل جي صحت لاءِ به فائديمند آهي.

وٽامن سي، وٽامن بي سڪس ۽ پوٽاشيم وارن ۽ کل کي صحتمند رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.

وٽامن سان گهنج نه ٿيندا آهن ۽ وٽامن بي ميلانن ذرن کي سرگرم ڪندو آهي جيڪو وارن ۽ کل جي رنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن.

پوٽاشيم کل ۾ گهم برقرار رکڻ ۾ مدد ڏيندو آهي جڏهن ته هي اها شئي آهي جيڪا وارن جي واڌ ويجهه ۾ مدد ڪندي آهي. هن سان وار نرم ٿيندا آهن ۽ مضبوط ٿي ويندا آهن.

مجموعي طور تي ڪيلو صحت جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ اوهان جي ظاهري شخصيت کي بهتر ڪرڻ ۾ به مک ڪردار ادا ڪري ٿو.

ڪيلا کائڻ سان ذهني پريشاني گهٽجندي آهي ڇو ته هن ۾ ٽريپٽوفان هوندو آهي هي انسان جي موڊ تي سڌي ريت اثرانداز ٿيندو آهي.

مٺو هجڻ جي باوجود ڪيلو ٻين ميون جي ڀيٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڪيلوريز رکي ٿو ۽ هن سان وزن برقرار رکڻ ۾ مدد ملندي آهي.

ڪيلو جسم کي ايتري توانائي ڏئي ٿو جو ٿڪ لاهڻ ۾ مدد ملندي آهي.

ڪيلي ۾ وٽامن هجڻ جي ڪري هي قوت مدافعت وڌائيندو آهي ۽ اوهان بيمار ٿيڻ کان بچيل رهندا آهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.