مٿي ۾ خارش کي عام نه سمجهيو، ماهرن خبردار ڪري ڇڏيو

ڪنهن محفل ۾ گفتگو دوران اوچتو مٿي ۾ خارش ٿي وڃي ته اهو انتهائي پريشان ڪندڙ ۽ شرمندگي ڏيندڙ عمل هوندو آهي، اها خارش وارن ۾ خشڪي يا جوئن سبب نه پر ٻين سببن جي ڪري به ٿي سگهي ٿي.
جيڪڏهن توهان جي مٿي ۾ گهڻي وقت کان خارش ٿي رهي آهي ته ان کي قطعي نظرانداز نه ڪيو، ڇو ته طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته اها صورتحال ڪيترن ئي قسمن جي سنگين عارضن جو سبب به هوندي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب آن لائن فارميسي ”ڪيمسٽ ڪلڪ“ جي ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪڏهن ڪڏهن توهان جي مٿي ۾ خارش ٿئي ٿي ته پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي پر جيڪڏهن مسلسل خارش ٿئي ٿي ته اها خطرناڪ صورتحال آهي، ڇو ته اها بلڊ شگر ليول وڌڻ جي علامت ٿي سگهي ٿي، جنهن جو مطلب آهي ته توهان کي شگر ٿيڻ جو خطرو آهي.
ان لائن فارميسي جي ماهر عباس ڪنعاني موجب هاءِ بلڊ شگر جسم ۾ انفليشن جو سبب بڻجي سگهي ٿي، ان سان جسم جي اندروني عضون کي نقصان پهچي سگهي ٿو.
ان کانسواءِ ان سان توهان جي هيئر فوليڪلز تائين آڪسيجن ۽ عذائي جزن جي پهچ متاثر ٿي سگهي ٿي، جنهن سان توهان جي وارن کي به نقصان پهچي سگهي ٿو.
رت ۾ شگر وڌڻ سان ٻيا ڪيترائي عارضا به ٿي سگهن ٿا، تنهن ڪري جيڪڏهن توهان جي مٿي ۾ مسلسل خارش ٿي رهي آهي ته پنهنجي شگر ليول ضرور چيڪ ڪرايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.