ٽائپنگ جي ڀيٽ ۾ هٿ سان لکڻ جو وڏو فائدو

موجوده معاشري جي جيڪڏهن ڳالهه ڪجي ته هٿ سان لکڻ جو رواج تمام گهڻو گهٽجي ويو آهي، ڇو ته ڪمپيوٽر يا فون تي ٽائپنگ ڪرڻ هٿ سان لکڻ کان وڌيڪ بهتر سمجهيو ويندو آهي پر ماهرن جو چوڻ آهي ته اهو دماغ لاءِ گهٽ متحرڪ آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب فرنٽيئرز ان سائيڪالاجي نالي رسالي ۾ ڇپيل مطالعي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٽائپنگ بدران هٿ سان لکڻ دماغ جي فعاليت لاءِ وڌيڪ اهم آهي.
نارويجن يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (اين ٽي اين يو) جي محققن يونيورسٽي جي شاگردن تي تجربا ڪيا، جن انهن جي ٽائپنگ ۽ هٿ سان لکڻ سان پيدا ٿيندڙ دماغي سرگرمين جو جائزو ورتو ويو.
محققن نتيجو ڪڍيو ته هٿ سان لکڻ سکڻ ۽ يادداشت جي صلاحيت کي بهتر بڻائي ٿو.
محققن موجب مطالعي جي نتيجن ۾ اسان جي اهم ڳولا اها هئي ته هٿ سان لکڻ تقريبن سڄي دماغ کي متحرڪ ڪري ٿو، جڏهن ته ٽائپنگ دماغ کي اهڙي ريت متحرڪ نٿي ڪري سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.