راند ۽ سياست کي ڌار رکڻ گھرجي: بسما معروف

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بسما معروف چيو آهي ته بدقسمتي سان راند ۾ سياست اچي وئي آهي پر راندين کي سياست کان ڌار رکڻ گھرجي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: رونالڊو هڪ ٻئي ميدان ۾ سڀني کي مات ڏئي ڇڏي..!

پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ون ڊي سيريز جي ٽرافي جي رونمائي جي موقعي تي قذافي اسٽيڊيم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي قومي ٽيم جي ڪپتان بسما معروف چيو ته ٽي ٽوئنٽي سيريز کان پوءِ ون ڊي سيريز به پنهنجي نالي ڪرڻ لاءِ پر اميد آهيون، ٽارگيٽ ون ڊي سيريز کٽڻ آهي جنهن ڪري 3 تبديليون ڪيون آهن، فٽنيس سبب انعم کي ون ڊي ٽيم ۾ شامل ناهي ڪيو ويو جڏهن ته ڊيٿ آورز ۾ ثنا سوڌو ڊيانا بيگ شامل آهن.

هي به پڙهي سگھو ٿا:سعودي عرب ۾ پهريون ڀيرو عورتن جي ريسلنگ ٿيندي

هن چيو ته ڀارت سان سيريز کيڏي اسان هڪ ٻئي جو مقابلو ڪنديون آهيون، ڀارت سان رڳو ورلڊ ڪپ ۾ ميچون ٿيون، ڀارت سان ميچون گھڻيون ٿين ته فائدو ٻنهي ٽيمن جو ٿيندو، بدقسمتي سان راند ۾ سياست اچي وئي آهي، راند ۽ سياست کي ڌار رکڻ گھرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.