بنانا ٽي

شيون

قهوه چانهه: 1 ڪوپ

فريش ڪريم: 1 ڪوپ

ڪيلا: 2 عدد

کنڊ: 2 چمچا

برف: ضرورت موجب

ترڪيب:

جوسر جي جڳ ۾ هڪ ڪوپ قهوه چانهه ۽ ٻه ڪيلا وجهو ان ۾ ٻه چمچا کنڊ شامل ڪيو ۽ شيڪ ڪيو. جڏهن شيڪ ٿي وڃي ته هڪ ڪوپ فريش ڪريم ۽ هڪ ڪوپ آئس ڪيوب شامل ڪيو. اوهان جي مزيدار بنانا ٽي تيار آهي.

You might also like