بلوچستان جي 419 ارب رپين کان وڌيڪ جي بجيٽ پيش

 

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ايندڙ مالي سال 20-2017 لاءِ 419 ارب رپين کان وڌيڪ جي بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي.

بلوچستان اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر عبدالقدوس بزنجي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ناڻي واري وزير ظهور بليدي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ پيش ڪئي.

بلوچستان جي بجيٽ جو ڪاٿو 419 ارب رپين کان وڌيڪ آهي، جن مان 126 ارب رپيا ترقياتي ۽ 257 ارب رپيا غير ترقياتي خرچن لاءِ رکيا ويا آهن، جڏهن ته بجيٽ جو خسارو 49 ارب رپيا آهي.

بجيٽ ۾ وفاق کان صوبي جي اوڳاڙي 339 ارب رپيا رهندي، جڏهن ته بلوچستان کي 10 ارب 8 ڪروڙ رپيا ڪيپيٽل اوڳاڙي مان حاصل ٿيندا.

بجيٽ ۾ گريڊ هڪ کان 16 لاءِ وفاق جيان 10 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف، جڏهن ته 17 کان 20 گريڊ جي آفيسرن جي پگهارن ۾ 5 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف ڏنو ويندو.

صوبائي وزير بجيٽ پيش ڪندي چيو ته 100 جي لڳ ڀڳ سيڪنڊري ۽ هاءِ اسڪولن کي 4 ڪروڙ 50 لک رپين جي لاڳت سان ورچول ٽيڪنالاجي تي منتقل ڪيو ويندو، جڏهن ته ڪوئيٽا ۾ آءِ ٽي پارڪ ۽ ڊيٽا سينٽر لاءِ 70 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن.

بلوچستان ۾ 50 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان نوان پرائمري، مڊل ۽ هاءِ اسڪول قائم ڪيا ويندا، جڏهن ته ثانوي تعليم کاتي لاءِ غير ترقياتي بجيٽ ۾ 48 ارب هڪ ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن.

ناڻي واري وزير موجب بجيٽ ۾ بلوچستان ۾ گرلز ڪاليجن جي بسن جي فراهمي لاءِ 30 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته صوبي ۾ يونيورسٽين لاءِ ”يونيورسٽي فنانس ڪميشن“ قائم ڪئي پئي وڃي.

هن ٻڌايو ته صوبائي حڪومت پنهنجي وسيلن سان پهريون ڀيرو چئن يونيورسٽين لاءِ نوان سب ڪئمپس قائم ڪري رهي آهي، صوبي ۾ 7 نوان نرسنگ ڪاليج به قائم ڪيا ويندا.

بجيٽ ۾ ايندڙ مالي سال دوران 50 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان اسپيشل چلڊرين پروگرام شروع ڪيو ويندو، جڏهن ته 60 ڪروڙ رپين مان ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرز ۾ ورڪنگ وومين هاسٽل تعمير ڪرڻ جو منصوبو به تجويز ڪيو ويو آهي.

صحت جي حوالي سان صوبائي بجيٽ ۾ بلوچستان جي 18 ضلعن ۾ گڙدن جي مرضن جي حوالي سان ڊائلاسز سينٽر قائم ڪيا ويندا، جڏهن ته 16 ضلعي هيڊ ڪوارٽر اسپتالن ۾ وڌيڪ بهتري لاءِ 50 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن.

بجيٽ ۾ بلوچستان گرين ٽريڪٽر پروگرام لاءِ 20 ڪروڙ 50 لک رپيا، زراعت جي شعبي لاءِ ترقياتي بجيٽ ۾ 3 ارب 50 ڪروڙ ۽ غير ترقياتي خرچن لاءِ 9 ارب 60 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن.

ظهور بليدي موجب صوبائي بجيٽ ۾ ليويز ۽ پوليس فورس ۾ هڪ هزار 150 نيون جايون آنديون پيون وڃي، صوبي ۾ پهريون ڀيرو آرمز پاليسي آڻي رهيا آهيون، جڏهن ته ڪوئيٽا ۾ جديد فرانزڪ ليبارٽري به قائم ڪئي ويندي.

ان موقعي تي اپوزيشن ميمبرن احتجاج ڪندي بجيٽ نامنطور جا نعرا هنيا.

اپوزيشن ميمبرن احتجاج ڪندي اجلاس مان واڪ آئوٽ پڻ ڪيو پر ان دوران ناڻي وارو وزير بجيٽ پيش ڪندو رهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.