محسن داوڙ ۽ علي وزير جي ضمانت لاءِ عدالت ۾ درخواست

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي ضلعي بنون جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن محسن داوڙ ۽ علي وزير جي ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي.

پشاور هاءِ ڪورٽ بار جي صدر ايڊووڪيٽ لطيف آفريدي، ايڊووڪيٽ پير حميدالله شاهه، ايڊووڪيٽ سنگين خان ۽ ايڊووڪيٽ طارق افغان تي ٻڌل وڪيلن جي ٽيم قومي اسيمبلي ميمبرن جي ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته قومي اسيمبلي ميمبرن خلاف ڪو به ثبوت موجود ناهي.

جنهن تي عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي درخواست تي ٻڌڻي 17 جون تي مقرر ڪري ڇڏي.

You might also like