ڊالر جي ڪهاڻي… شاهه محمود قريشي جي زباني

 

ملتان (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ گورنر جي بنيادي ذميواري آهي ته هو ڊالر جي ريٽ کي ڏسي، ناڻي واري وزير جو ان سان واسطو ناهي هوندو.

ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته ڊالر جي حوالي سان اسٽيٽ بئنڪ خود مختيار آهي ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جي بنيادي ذميواري آهي ته هو دالر جي اگهه کي ڏسي، ملڪ ۾ رپئي جو قدر ڪِرڻ ۽ ڊالر جو اگهه وڌڻ سان ناڻي واري وزير جو واسطو ناهي هوندو، آمريڪا ۽ چائنا وچ ۾ معاملا به ڊالر تي اثرانداز آهن.

سندس چوڻ هو ته مان اڳڪٿين تي ناهيان ڳالهائيندو، پڪين شاهدين تي ڳالهه ڪندو آهيان، نئون ايف بي آر چيئرمين ڪڏهن حڪومتي عهدي تي ناهي رهيو، هو ٽيڪنوڪريٽ ضرور آهي پر ٽيڪس روينيو جي حوالي سان ماهر آهي.

هن وڌيڪ چيو ته سياسي پارٽين جو پنهنجو فيصلو آهي، اهي احتجاج ڪرڻ چاهين ٿيون ته عيد کانپوءِ ڀلي پنهنجو شوق پورو ڪن.

You might also like