اختر مينگل جي بلاول سان ملاقات، زرداري جي گرفتاري خلاف ايڪتا

اسلام آباد ( م ڊ ) بي اين پي سربراهه سردار اختر مينگل پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان زرداري هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪي ۽ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اختر مينگل پ پ چيئرمين کي چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي گرفتاري تي ايڪي جو اظهار ڪرڻ لاءِ توهان وٽ آيو آهيان،

  حڪومت 10 مهينن ۾ بي اين پي جي ڇهن نڪتن تي عملدرآمد ناهي ڪري سگهي. بلاول ڀٽو زرداري ٻڌيءَ جو اظهار تي سردار اختر مينگل جا ٿورا مڃيا، پ پ چيئرمين چيو ته بلوچستان جي عوام جا زخم ڀرڻ بغير ملڪي ترقي جو هر تصور ناپائيدار هوندو. 03

You might also like