مارڪيٽ کان وڌيڪ مُلهه تي ڊالر کپائيندڙ ڪمپينين خلاف ڪارروائي جو فيصلو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت مارڪيٽ کان وڌيڪ قيمت تي ڊالر کپائيندڙ ايڪسچينج ڪمپنين خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي.

رپئي جي ڀيٽ ۾ پرڏيهي ڪرنسين جي قدر ۾ واڌ جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايف بي آر چيئرمين، اسٽيٽ بئنڪ گورنر، ڊي جي ايف آءِ اي ۽ ڊي جي آءِ بي کانسواءِ سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان جو وفد به شريڪ ٿيو.

اجلاس ۾ ايمنسٽي اسڪيم تحت اثاثا ظاهر نه ڪندڙن خلاف تجويز ڪيل ڪارروائي تي به غور ڪيو ويو.

اجلاس دوران ڏنل بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڊالر جي مارڪيٽ ۾ خريد جي قيمت 143 رپيا 50 پئسا، جڏهن ته وڪري جي قيمت 144 رپيا آهي، اهڙي ريت سعودي ريال جي خريد جي قيمت 38 رپيا 20 پئسا ۽ وڪري جي قيمت 38 رپيا 35 پئسا آهي.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته طئي ٿيل ڪرنسي ريٽ کان منهن موڙيندڙ ڪمپنين کي ڪا رعايت نه ڏني ويندي، مارڪيٽ کان وڌيڪ قيمت تي ڊالر کپائيندڙ ايڪسچينج خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like