حمزا شهباز جسماني رمانڊ تي 26 جون تائين نيب حوالي

 

 لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي احتساب عدالت درخواست منظور ڪندي مسلم ليگ ن جي نائب صدر شهباز شريف کي 26 جون تائين جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو .

قومي احتساب بيورو ( نيب ) جي ٽيم سخت سيڪيورٽي ۾ پنجاب اسيمبلي جي مخالف ڌر اڳواڻ کي لاهور جي احتساب عدالت پهچايو.

لاهور جي احتساب عدالت جي ايڊمن جج جواد الحسن حمزا شهباز خلاف مني لانڊرنگ ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران نيب جي وڪيل وارث جنجوعه عدالت کي ٻڌايو ته حمزا شهباز شريف کي هاءِ ڪورٽ مان گرفتار ڪيو ويو.

جج پڇاڻو ڪيو ته ڇا جوابدار عدالت ۾ موجود آهي جنهن تي حمزا شهباز جي وڪيل ٻڌايو ته سندس اصيل عدالت جي ڪمري ۾ موجود آهي.

عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا حمزا شهباز کي سندس گرفتاري جا سبب ٻڌايا ويا جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته حمزا شهباز کي گرفتاري جا سبب فراهم ڪيا ويا آهن.

نيب جي جاچ آفيسر حامد جاويد عدالت کي ٻڌايو ته حمزا جي بئنڪ اڪائونٽن مان شڪي ٽرانزيڪشنز ٿيون، 2003ع ۾ حمزا جا اثاثا سوا ٻه ڪروڙ رپين جا هئا جڏهن ته 2005ع کان 2007 تائين هن  پنهنجا اثاثا ظاهر نه ڪيا.

هن عدالت کي اهو به ٻڌايو ته 2009ع ۾ حمزا شهباز جا اثاثا وڌي 21 ڪروڙ جا ٿي ويا، پر جڏهن  حمزا شهباز کان ان بابت سوال ڪيو ويو ته هن جواب ڏنو ته هو ان سوال جو جواب عدالت ۾ ڏيندو.

نيب جي جاچ آفيسر عدالت کي حمزا شهباز جي نيب آفيس ۾ حاضري بابت آگاهه ڪيو ته ن ليگ جي نائب صدر 9 ڪال اپ نوٽيس جي نتيجي ۾ رڳو پنج ڀيرا پيش ٿيو.

حامد جاويد عدالت کي استدعا ڪئي ته کين حمزا شهباز جو 15 ڏينهن جسماني رمانڊ گهرجي جنهن دوران جوابدار جي اڪائونٽ ۾ ايندڙ 18 ڪروڙ رپين بابت جاچ ڪرڻي آهي.

حمزا شهباز طرفان سندس وڪيل امجد پرويز ۽ سلمان اسلم بٽ عدالت ۾ پيش ٿيا.

حمزا شهباز جي وڪيل امجد پرويز پنهنجي دليلن جي شروعات ڪندي عدالت کي ٻڌايو ته نيب سندس اصيل کان جيڪي به سوال ڪيا انهن جا جواب ڏنا ويا آهن.

هن عدالت کي آگاهه ڪيو ته حمزا شهباز شريف طلبي نوٽيس جا لکت ۾  جواب به نيب کي ڏئي چڪو آهي، جڏهن ته هن پنهنجا سمورا اثاثا به ظاهر ڪيا آهن.

امجد پرويز اهو پڻ ٻڌايو ته نيب قانون موجب جوابدار کي گرفتاري جا سبب ۽ ثبوت فراهم ڪرڻ بغير  کيس گرفتار نٿو ڪري سگهجي.

حمزا شهباز جي وڪيل پنهنجي دليلن ۾ چيو ته سندس اصيل پاڪستان جي سڀ کان وڏي صوبي جي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر آهي، سندس گرفتاري ۾ بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي.

امجد پرويز مني لانڊرنگ جي الزامن کي لطيفو قرار ڏنو ۽ پنهنجي دليلن دوران چيو ته ماڻهن کي اهو لطيفو سچ لڳڻ لڳو آهي.

You might also like