زرعي آبپاشي لاءِ گھٽ خرچ جديد نظام

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اين اي ڊي يونيورسٽي جي ريسرچ سينٽر فار آرٽيفيشل انٽيليجنس (آر سي اي آءِ) جي ماهرن ۽ شاگردن زرعي آبپاشي لاءِ هڪ گھٽ خرچ وارو جديد نظام ٺاهيو آهي جنهن سان پاڻي جي  ضرورت 50 سيڪڙو گھٽجي ٿي ۽ پوک ۾ پيداوار به بهتري ٿئي ٿي. هاڻي ڪيترن ئي ٻنين ۽ باغن ۾ ان نظام جي ڪامياب آزمائش ڪئي وئي آهي جنهن کان پوءِ ان جا بهترين ۽ اميد جوڳا نتيجا سامهون آيا آهن.

پاڻي جي کوٽ جو شڪار سنڌ جي هارين مقامي سطح تي تيار ڪيل ان ٽيڪنالوجي جو استعمال ڪيو آهي. ان سسٽم جي استعمال سان  پاڻي جي استعمال ۾ 50 سيڪڙو گھٽتائي ٿي آهي جنهن جي نتيجي ۾ آبادگارن جي آمدني ۾ 30 کان 35 سيڪڙو واڌ به ٿي آهي.

ڊاڪٽر خرم جي نگراني هيٺ تيار ڪيل اهو نظام، زمين ۽ مٽي جي ڪيفيت، نمڪيات جو مقدار، پوک گرمي يا سردي، آب هوا ۽ ماحول جي درست ماپ ڪندي سائنسي بينادن تي پاڻي جي ضرورت کان آگاهه ڪري ٿو.

ان کي “سمارٽ ايريگيشن سسٽم”  جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ ان نظام تي ڪم ڪندڙ انجينيئر احسان رحمان موجب ان سان هاري زمين جي صورتحال کان آگاهه رهندو آهي، هاري ان ڳالهه کان واقف ٿي ويندو  ته پاڻي ڪيترو ۽ ڪهڙي وقت ضرورت آهي ڇو جو وڌيڪ پاڻي به فصلن کي خراب ڪري سگھي ٿو.

سمارٽ اريگيشن سسٽم پنهنجي اگھه کان وٺي لڳڻ تائين گھڻو سادو آهي. هڪ ته اهو شمسي توانائي تي ڪم ڪندو آهي.

احسن رحمان ٻڌايو ته سنڌ ۾ هن وقت تائين 15 فارمز ان کي استعمال ڪيو آهي. اهو پرڏيهي نظامن جي ڀيٽ ۾ گھڻو فائديمند آهي.

مهانگو پرڏيهي سسٽم رڳو ريڊنگ فراهم ڪندو آهي جڏهن ته ان ۾ موجود جديد سينسر، جي پي آر ايس ۽ جي ايس ايم ڪميونيڪيشن نظام پوک جي ڪيفيت جو ڊيٽا، موبائل ايپ ۽ ايس ايم ايس ذريعي آبادگار تائين پهچائيندو آهي.

 ڪراچي جي علائقي گڊاپ ٽائون جي هڪ آبادگار محمد رفيق ان ڏس ۾ ٻڌايو ته 17 ايڪڙ زمين تي ليمن جي پوک ڪري رهيو آهي ۽ ان نظام مان فائدو وٺي رهيو آهيان. هن ٻڌايو ته گڊاپ ۾ زمين هيٺ پاڻي جي سطح وڌيڪ هيٺ وڃي رهي آهي ۽ هاڻي پاڻي 800 فٽ هيٺ آهي.

اسان کي اٺ ڪلوميٽر پري کان پاڻي آڻڻو پوي ٿو پر هاڻي ان سمارٽ نظام سبب پاڻي جي کپت اڌ ٿي آهي ۽ پيداوار به 35 سيڪڙو وڌي آهي. ڇو جو اهو هوا ۾ گھم جي تناسب، زمين هيٺ نائٽريٽ ۽ کاراڻ کي به نوٽ ڪندو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته سمارٽ اريگيشن سسٽم روايتي آبپاشي کان گھڻو بهتر آهي ۽ انقلابي فائدو رکندڙ آهي. ضروري آهي ته وڌيڪ آبادگارن کي به ان بابت آگاهه ڪيو وڃي ته جيئن هو به ان کي آزمائين.

اهڙي ريت پاڪستان جي ٻنين ۾ سمارٽ سسٽم لڳائڻ سان غذائي پيداوار ۾ واڌ ڪري عذائي کوٽ کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

جڏهن ته سٺي ڳالهه اها آهي جو  آل پاڪستان فروٽس اينڊ ويجيٽيبل ايڪسپورٽرز امپورٽرز ايسوسيئيشن ان ۾ گھري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. تنظيم جي سربراهه وحيد احمد ان کي انقلابي قدم قرار ڏنو آهي ۽ ان ٽيڪنالوجي کي سموري پاسڪتان ۾ هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور سهڪار ڪرڻ جي خاطري پڻ ڪرائي آهي.