اربين ورهين جي تخليق ڪيل زمين  انساني ترقي جي وڪڙ ۾

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسان ڪيترين نسلن کان هن زمين تي آباد آهيو، اسان هر روز وڌندڙ ترقي سبب پنهنجي پاڙيسري سيارن ۽ پنهنجي شمسي نظام کان ٻاهران جون حالتون به ڪجهه نه ڪجهه ڄاڻيندا رهندا آهيو پر ان تي غور ڪرڻ جو وقت گھڻو گھٽ ملندو آهي.

اچو ته اڄ پنهنجي ان گھر يعني زمين ۽ ڪائنات بابت ڄاڻيون ٿا.

اسان جي ڪائنات هڪ وڏي ڌماڪي جنهن کي بگ بينگ چيو ويندو آهي، جي نتيجي ۾ 13 ارب 80 ڪروڙ ورهيه اڳ وجود ۾ آئي. ڪائنات شروعات ۾ گھڻي سادي هئي. اتي ڪجهه هائڊروجن ۽ هيليئم گيس موجود هيون جڏهن ته سموري توانائي به موجود هئي.

 

ان وقت ڪائنات ۾ ستارا، ڪهڪشائون ۽ سيارا موجود هئا جڏهن ته ڪنهن جاندار جو به وجود نه هو. ڪجهه وقت بعد ڪائنات ۾ ڪجهه پيچيده جسم ظاهر ٿيڻ شروع ٿيا. ڪائنات ۾ پهريون ڀيرو ستارا ۽ ڪهڪشان بگ بينگ جي 20 سالن بعد ٿيو.

ڪجهه وڏا ستارا ٺهيا ۽ پوءِ ختم ٿي ويا، اهو ڌماڪو ٿيڻ سبب نوان جسم وجود ۾ آيا. انهن جسمن وڌيڪ نون عنصرن کي جنم ڏنو جيئن مٽي، برف، پٿر ۽ معدنيات پوءِ انهن عنصرن مان سيارا ٺهڻ  شروع ٿيا.

اسان جو سج ۽ شمسي نظام 4 ارب سال اڳ وجود ۾ آيا.

4 ارب ورهيه اڳ زمين تي زندگي جنم ورتو. ان زندگي جي ارتقا ٿيڻ شروع ٿي پر تڏهن به گھڻا جاندار گھڻا ننڍا ۽ هڪ خليي وارا هئا يا هڪ خليي تي ٻڌل هئا. 1 ارب ورهيه اڳ پهريون ڀيرو وڌيڪ خيلن (گھڻن خلين تي ٻڌل) زندگي جنم ورتو.

50 ڪروڙ ورهيه اڳ زمين تي وڏا جاندار عام ٿي ويا جيئن وڻ يا ٽائرنا سارس، ڊائناسارس. انهن مان انسان جديد ترين مخلوق آهي. انسان جو ظهور رڳو 2 لک ورهيه اڳ هن زمين تي ٿيو.

انسان جي جو اچڻ هن زمين تي هڪ اهم واقعو هو، ڇو جو انسان ان کان اڳ ايندڙ سڀني مخلوقن کان انوکو ۽ بهتر هيو. انسان پنهنجي ڀرپاسي جي ڄاڻ ۽ پنهنجن خيالن کي ايندڙ نسلن تائين منتقل ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ايندڙ نسلن انهن تي عمل ڪرڻ شروع ڪيو.

هاڻي رڳو، ڪجهه سئو روهين ۾ انسان ايتري ترقي ڪئي آهي جو سموري زمين ۽ ان تي رهندڙ سڀني جاندارن جو مستقبل پنهنجي هٿ ڪيو آهي.

گھڻي ترقي، ٽيڪنالوجي ۽ دولت سان انسان موسمن جو رنگ، درياهن ۽ هوائن جو رخ به مٽائڻ جهڙو ٿي ويو آهي.

ماهرن موجب رڳو ايندڙ ڪجهه ورهين ۾ انسان جي ترقي ان ڳالهه جو اندازو به لڳائيندي ته زمين ۽ ان تي موجود جاندار ڌرتي جي نقشي تان مٽجي ويندا يا ايندڙ ڪيترن ئي لکين ورهين تائين موجود رهندا.

ماهرن موجب اربين ورهين ۾ پهريون ڀيرو ائين ٿيو آهي جو سڀني سيارن جي مخلوق جي بقا، هڪ مخلوق (انسان) جي ٿورائتي آهي. ان جي بقا جي ويڙهه وڙهڻ هڪ وڏو چيلينج آهي ۽ اهو چيلينج 4 ارب ورهين ۾ هڪ ئي ڀيرو پيش آيو آهي.