ڪلونجي، هيڊ، جاڻ ۽ موري ذريعي گردن کي ڊائلاسز کان بچائي سگهجي ٿو!

گردا اسان جي جسم جا اهڙا عضوا آهن جيڪي رت کي فلٽر ڪري جسم اندران بيڪار مادن کي ٻاهر ڪڍڻ جو ڪم ڪن ٿا، جيڪڏهن گردن جي ڪم ڪار ۾ خلل پوي ته انسان جي صحت تباهه ٿي ويندي آهي.

اڄڪلهه گردن جا مسئلا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن اهو ئي سبب آهي ته رت جي هٿرادو طور فلٽر ڪرڻ واري طريقي ڊائلاسز جي مريضن ۾ به واڌ ٿي وئي آهي پر ڪجهه اهڙا طريقا به آهن جن تي عمل ڪري علاج واري موتمار طريقي ڊائلاسز کان بچي سگهجي ٿو

جاڻ جو پاڻي

گردن کي صاف ڪرڻ لاءِ جاڻ جو پاڻي ٻن طريقن سان استعمال ڪري سگهجي ٿو، هڪ ته جاڻ جو پائوڊر ٺاهي انکي هلڪي گرم پاڻي سان استعمال ڪجي ته گردن جي صحت بهتر رهندي ۽ ٻيو رات جي وقت جاڻ کي پاڻي ۾ پسائي رکجي، صبح جو ننڊ مان اٿڻ سان نيراني اهو پاڻي پي جاڻ کي چٻاڙي کائجي ته گردن سميت جگر جي به صفائي ٿي ويندي ۽ دل به محفوظ رهندي.

لوڻ جو گهٽ استعمال

گردن ۾ رت فلٽر ڪرڻ جي صلاحيت ته هوندي آهي پر اهي لوڻ کي جذب ناهن ڪري سگهندا جيڪڏهن جسم ۾ لوڻ جو مقدار وڌي وڃي ته گردن جي ڪم ڪار ۾ رنڊڪ بڻجندي رهندي آهي، انڪري مختلف کاڌن ۾ لوڻ جو گهٽ استعمال ڪرڻ سميت سلاد، ڏهي ۽ ٻين شين تي لوڻ ٻرڪي کائڻ کان پاسو ڪري گردن جي صحت بهتر رکي سگهجي ٿي.

هيڊ جو استعمال

هيڊ کاڌي ۾ استعمال ٿيندڙ هڪ اهڙو مصالحو آهي جيڪو ذائقي سميت ڪيترن ئي بيمارين کان بچائي ٿو، اينٽي بايوٽڪ هجڻ جي ڪري هيڊ سوڄ، سور ۽ ٻين مسئلن سميت گردن جي صحت کي به بهتر ڪندي آهي، ان لاءِ هڪ ڪوپ پاڻي کي اٻاري، ان ۾ هڪ چمچو ليمي جي رسي ۽ اڌ چمچو کنڊ وجهي رات جو سمهڻ کان اڳ ۽ صبح جو ننڊ مان اٿڻ کانپوءِ نيراني استعمال ڪجي ته گردا صاف ٿي ويندا ۽ انهن مان مختلف جراثيمن جو خاتمو ٿي ويندو.

موري

موريءَ ۾ پوٽاشيم، سوڊيم، وٽامن سي ۽ فولڪ ايسڊ جو ججهو مقدار هوندو آهي، موري هاضمي سميت صحت لاءِ مختلف فائدن واري هوندي آهي جيڪڏهن موري کي سلاد طور تي روزاني استعمال ڪيو وڃي ته گردن جي صحت بهتر رهندي آهي.

ڪلونجي

ڪلونجي ۾ صحت لاءِ انيڪ فائدا هوندا آهن، اهو ئي سبب آهي ته انکي موت کانسواءِ هر مرض جو علاج چيو ويندو آهي.ڪلونجي ۾ موجود ٿائموڪينون جز گردن جي صحت لاءِ انتهائي اهم هوندو آهي. ڪلونجي کي کاڌن ۾ استعمال ڪرڻ سان گڏ روز ان جو هڪ ڪوپ ڪاڙهو ٺاهي ۾ ان ۾ ماکي وجهي پي سگهجي ٿو، ڪلونجي رت کي فلٽر ڪندڙ گردن کي فلٽر ڪرڻ جو ڪم ڪندي آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.