اين آءِ سي ايڇ ۾ ڀرتين بابت انٽرويو جاري رکڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي ۽ جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ اين آءِ سي ايڇ ۾ ڊاڪٽرن جي ڀرتي جي خلاف ڪيس جو آرڊر  جاري ڪندي چيو ته انٽرويوسميت ٻين جو عمل جاري رکيو وڃي پر مقرري نامو جاري نه ڪيو وڃي .عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 26جنوري تائين ملتوي ڪئي آهي .عدالت اهڙو حڪم نامو ڊاڪٽر فرحانه جي درخواست تي ڏنوآهي .درخواستگذار ٻڌايو آهي ته 18سال کان اين آءِ وي سي ۾ خدمتون انجام ڏئي رهي آهي انڪري 19گريڊ جي حقدار آهيان .درخواست گذار ٻڌايو ته صوبائي حڪومت پاران مقررين جي ڪري اسان متاثر ٿي رهيا آهيون هن چيو ته .سرڪاري وڪيل جو چوڻ آهي ته اين آءِ سي ايچ جو جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي  سان ڪابه تعلق نه آهي .ٻارڙن جي اسپتال ،ٽيچنگ سان يونيورسٽي جي انتظامي تعلق نه آهي هن جون مقرريون صوبائي ڪابنيا ڪندي آهي .خالي جڳهه هجڻ جي ڪري مريض مشڪل ۾ اچي ويندا آهن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.