گمبٽ ۾ بدامني خلاف شهري روڊن تي نڪري آيا،قومي شاهراهه تي ڌرڻو

گمبٽ(ن ع آ)گمبٽ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ واپاري فقير  محمد عرف باشن کهڙو کي گوليون هڻي زخمي ڪري 20 لک ڦر ڪرڻ خلاف ڪمند جي واپارين ۽ مزدورن جو قومي شاهراه ڀر سان المعراج ڪانٽا وٽ احتجاجي مظاهرو. امن بحال ڪرائڻ جو مطالبو. ان موقعي تي احتجاج ڪندي غلام علي سيال حسين گل شاهاڻي علي مردان شاهاڻي  سرور پٺاڻ شيرمحمد ناريجو ۽ ٻين جو چوڻ ته تعلقي گمبٽ ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي. شهرين جون موٽرسائيڪلون چوري ٿيڻ روز جو معمول بڻيل آهن گذريل ڏينهن نامعلوم هٿياربند خيرپور لاڙڪاڻو روڊ تي واپاري فقير محمد کهڙو مٿان سڌي فائرنگ ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ واپاري مرڻينگ آهي۽ 20 لک ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن. زخمي جو گمبٽ گمس اسپتال ۾ علاج هلندڙ آهي. هن وقت تائين پوليس جوابدرن جي گرفتاري لاء ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو. احتجاج ڪندڙ واپارين مزدورن آء جي سنڌ ڊي آء جي سکر ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته واپاري کان ڦر ٿيل رقم واپس ڪرائي جوابدارن خلاف سخت ڪاروائي ڪري تحفظ ڏئي انصاف ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.