ڄامشورو اتحاد جو اميدوار جي ڊي اي اميدوار جي حق ۾ هٿ کڻي ويو

ڄامشورو( ڊ ر ) بلدياتي اليڪشن ۾ ڄامشورو جي تڪ سنڌ يونيورسٽي يو سي 23 تي ڄامشورو اتحاد جي ٽڪيٽ تي بيٺل اميدوار عرفان علي  سومرو جي ڊي اي پاران سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ۾ ڪوٺايل هڪ ڪارنر گڏجاڻي دوران جي ڊي اي اميدوار سڪندر علي بليدي جي حق ۾ هٿ کڻڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي عرفان علي سومرو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مرڪز ۾ ايس يو پي ۽ جي ڊي اي ۾ ٿيل اتحاد بعد مرڪز جي حڪم تي مون جي ڊي اي جي اميدوار جي حق ۾ هٿ کنيو آهي, هن چيو ته آئون کٽيا هان يا سڪندر بليدي  مقصد ٻنهي جو علائقي جي بنيادي مسئلن لاء تر جي ڀوتار کي اليڪشن ۾ هارائي ان جي ڏهڪاءٌ کي ختم ڪرڻ آهي،ان موقعي تي يو سي چيئرمين جو اميدوار عاقب علي ميمڻ, وائيس چيئرمين اميدوار محمد ايوب لغاري, خليق الرحمان ٽڳو, فقير حق نواز برهماڻي، غلام نبي سمون، ارشاد احمد بروهي، خادم درس، مرتضي نائچ، غلام رسول منگي، شوڪت علي ڪاڪا ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

  • جنگشاھي ۾ پيپلز پارٽي اميدوار آزاد اميدوار جي حق ۾ هٿ کنيو

جنگشاھي (ن ع آ) مڪاني اليڪشن ويجھو ايندي ئي پيپلز پارٽي جي مرڪزي قيادت ھدايتن تي ضلعي ٺٽي جي  پيپلز پارٽي قيادت   طرفان اميدوارن جي اڳيان سڀني آزاد اميداورن کي ھٿ کڻڻ ۽ توڙ جوڙ ڪرڻ کانپوءِ ضلعي ٺٽي اھم يونين ڪاؤنسل جنگشاھي جي پيپلز پارٽي اميدوار ضلعي ڪائونسل ميمبر اڳواڻي ضلعي ڪائونسل اميدوار سلطان پليجو رات دير سان ٺٽي جي اليڪشن آفيسر حضور بخش خاصخيلي کي سندس سامھون بيٺل آزاد اميدوار تراب علي جوکيو جي حق ۾ ھٿ کڻي ويو. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جو پھريون اميدوار آھي جيڪو آزاد اميدوار جي حق ۾ ھٿ کڻي ويو آھي. اھو مامرو ڳجارت بڻيل آھي.

  • غلام الله ۾ مڪاني چونڊ مهم، آزاد اميدوارن جي ريلي

غلام الله (ن ع آ) غلام الله شھر ۾ آزاد اميدوارن  چيئرمين قادر بخش ميمڻ جنرل ڪائونسلر اميدوار محمد علي رند پاران اليڪشن مھم جي سلسلي۾ مين بس اسٽاپ غلام الله کان ھڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي، ريلي شھر جي مختلف چوڪن روڊن گھٽين جو گشت ڪندي مين چوڪ تي پھتي جتي جلسي۾ تبديل ٿي وئي، ريلي دوران وک وک تي يوسي غلام الله مان چيئرمين ۽ جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي بيٺل اميدوارن جي آجيان ڪئي وئي، اجرڪون اوڍايون ويون ۽ گلن جي ورکا ڪئي وئي. ريلي ۾ شھرين، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن، مختلف تنظيمن جي اڳواڻن وڏي انگ۾شرڪت ڪئي. ان موقعي تي يوسي غلام الله ۾ چيئرمين ۽ جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي بيٺل اميدوارن قادر بخش ميمڻ، محمد علي رند خطاب ڪندي چيو ته يوسي غلام الله جي عوام کي اپيل ٿو ڪريان ته 15جنوري تي اسان جي چونڊ نشان سوزوڪي تي ٺپو هڻي اسان کي ڪامياب ڪيو وڃي. ھن چيو ته مهانگائي عوام جي چيلھه چٻي ڪري ڇڏي آهي، پ پ وارن ھميشه دوکيبازي تي ووٽ ورتا آهن، عوام سان ڪوڙا واعدا ڪيا آهن، انشاءَ الله 15جنوري تي مخالفن کي بدترين شڪست نصيب ٿيندي. ريلي کي سيد سڪندر شاھه مست ضلعي ڪائونسل جي اميدوار سيد اياز علي شاھه بخاري ۽ ٻين خطاب ڪيو.

  • ممتاز شاهه مونکي هارائڻ جي ڪوششون ڪري رهيو آهي:عزت برهماڻي

اڏيرولال(ن ع آ): پاڪستان پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ  هولڊر عزت علي برهماڻي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سيد ممتاز علي شاهه پيپلز پارٽي جي خلاف ورزي ڪندي هڪ آزاد اميدوار آصف ڇٽو جنهن جو چونڊ نشان ڍڳو آهي، جنهن جي حمايت ڪري پيپلز پارٽي جي نامزد ٽڪيٽ هولڊر مطلب مون کي يوسي اڏيرولال اسٽيشن مان هارائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي،عزت علي برهماڻي وڌيڪ چيو ته آئون تعلقي جو جوائنٽ ڊپٽي سيڪريٽري به رهيو آهيان. ان کان علاوه 2016 ۾ پ پ جي ٽڪيٽ تي وائيس چيئرمين به رهي چڪو آهيان ۽ جيڪڏهن آئون پيپلز پارٽي جو نه هجان ها ته پوءِ مون کي پارٽي جي طرفان ٽڪيٽ ڇو ملي؟ هن وڌيڪ چيو ته ممتاز شاهه انتهائي غليظ لفظ استعمال ڪري چوي ٿو ته ڇٽا برادري سان عزت علي برهماڻي جي ذاتي دشمني آهي، جيڪو انتهائي غلط لفظ ڳالهائي پنهنجي اصليت ظاهر ڪري رهيو آهي، ڇو ته ڇٽا ۽ برهماڻي هڪ راڄ جا آهن ۽ اسان جو مرڻ جيئڻ هڪ ٻئي سان گڏ آهي. باقي سياسي اختلاف ضرور آهن ۽ ذاتي اختلاف ناهن. هن چيو ته ممتاز شاهه جيڪا ٻولي ڳالهائي رهيو آهي ته شايد اهڙي ٻولي ڪير به نه ڳالهائيندو. عزت علي برهماڻي وڌيڪ چيو ته ممتاز شاهه خود پي پي کي هارائڻ لاءِ ميدان تي اچي چڪو آهي ۽ وڏي واتان پ پ پ جي ووٽرن کي ورغلائي اهو ئي چئي رهيو آهي ته ووٽ پ پ پ جي اميدوار کي نه بلڪ آزاد اميدوار آصف علي ڇٽو کي ڏنو وڃي. هن چيو ته پ پ پ سينيٽر سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ، پ پ پ ضلعي صدر علي حسين شاهه ڄاموٽ پڻ منهنجي حمايت ڪري رهيا آهن،

  • دڙي ۾مڪاني چونڊ مهم، پيپلز پارٽي جي ريلي

دڙو  (ن ع آ) دڙي ۾ پيپلز پارٽي پاران ٽائون ڪميٽي دڙو  سميت مختلف يوسيز تي نامزد پيپلز پارٽي اميدوارن جي چونڊ مهم جي سلسلي ۾ اڳوڻي ضلعي صدر ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي اميدوار ارباب وزير ميمڻ، حاجي پاشا شاھه شيرازي، ارباب ڪامران ميمڻ، زاھد کڏو، محمد ڪڇي، ارباب نجيب ﷲ ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سرڪاري اسپتال کان پڃاري پل چوڪ تائين شاندار ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ پيپلز پارٽي جي نامزد اميدوارن، ڪارڪنن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جڏهن ته ريلي ۾ شريڪ جيالن پاران جهمريون هڻي خوشي جو اظهار ڪيو ويو. ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سجاول ۽ ٺٽي ضلعي جو عوام پيپلز پارٽي سان محبت ڪري ٿو. پيپلز پارٽي عوامي تنظيم آهي ۽ عوام اڄ به پيپلز پارٽي سان گڏ آهي.

  • مڪاني چونڊن ۾ پيپلز پارٽي مخالفن جي تڏا ويڙھه ٿيندي: غني بگھياڙ

ڌاٻيجي (ن ع آ) پيپلز پارٽي اڳواڻ عبدالغني بگهياڙ ۽ فقير نبي بخش بلوچ ڌاٻيجي پريس ڪلب ۾ صحافين صحافي امين فاروقي جي امڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته 15 جنوري تي ٿيندڙ مڪاني اليڪشن ۾ مخالفن کي تاريخي شڪست ڏيندي. هن چيو ته ڌاٻيجي جي مقامي قديمي ڳوٺاڻن جي اڪنامڪ زون جي حوالي سان خدشا آھن، انهن کي جلد حل ڪيو ويندو، ڪنهن به صورت ۾ قديمي ڳوٺاڻن سان زيادتي ٿيڻ نه ڏبي اهي ڳوٺاڻا هر وقت پيپلز پارٽيءَ جا ووٽر رهيا آھن.

  • ڪراچي جي سهراب ڳوٺ ۾مڪاني چونڊن جي حوالي سرگرميون تيز

گڏاپ (ن ع آ)ڪراچي جي سهراب ڳوٺ ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان عوام دوست پينل سياسي سرگرمين کي تيز ڪري ڇڏيو آهي ان  حوالي سان سکيا ڳوٺ ۾ جلسو منعقد ڪيو ويو جلسي کي خطاب ڪندي عوام دوست پينل يوسي 5 جي چيئرمين اميدوار معشوق علي بروهي وائيس چيئرمين اميدوار نور خان برفت يوسي 4 جي اميدوار دلدار برفت يوسي 3 سکيا ڳوٺ جي چيئرمين اميدوار منظور برفت غفار خاصخيلي رازق بروهي روزي خان برفت نصرالله شيخ ۽ ٻين خطاب ڪيو اميدوارن جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته 15 جنوري تي عوام عوام دوست پينل کي ڪامياب بڻائي اسين انهن جي اميدن تي پورا هلنداسين هنن چيو ته سھراب ڳوٺ ٽائون کي هميشه نظرانداز ڪيو ويو ڪجھه مافيائون نه ٿيون چاهين ته هتان جي ماڻهن جا مسئلا حل ٿين نور خان برفت چيو ته لالا رحيم رڪارڊ ڪرپشن ڪري ترقياتي ڪمن ۾ گهوٻين کانپوءِ پاڻ کي صاف ظاهر ڪرڻ لاءِ چونڊ وڙهي رهيو آهي پر هتان جو عوام کيس ووٽ نه ڏيندو عوام دوست پينل کي مقامي اڳواڻن مختلف برادري جي ماڻهن جي حمايت حاصل آهي صيفل ڳوٺ ۾ جلسو مخالفن جي منهن تي چماٽ آهي عوام ڪرپشن جي بادشاهه لالا رحيم کي 15 جنوري تي رد ڪري ڇڏيندو انشاءاللہ جيت اسان جي ٿيندي اسين هتان جي ماروئڙن جا مسئلا حل ڪنداسين.

  • پولنگ اسٽيشن تي عملي کي سهولتون فراهم ڪيون وڃن: ڊي سي بدين

بدين (ڊ ر) هر پولنگ اسٽيشن تي پاڻي، واش روم، فيوميگيشن اسپري ۽ صفائي سٿرائي رکڻ لاڳيل ميونسپل ڪميٽي ٽائون ڪميٽي ۽  يو سي سيڪريٽري جي ذميواري آهي، ڪوتاهي ڪندڙ خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. اھڙن خيالن جو اظهار ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسر / ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاهنواز خان ڪميٽي روم ۾ لوڪل گورنمينٽ جي سمورن آفيسرن سان گڏجاڻي ۾ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته پولنگ اسٽيشن تي پولنگ عملي کي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. هن چيو ته ميونسپل ڪميٽي ۽ ٽائون ڪميٽي گاڏي سميت پنهنجي عملي کي ڏينهن رات چوڪس رکن. هن چيو ته ضلعي انتظاميا توهان کي هر قسم جي سهولت مھيا ڪندي گڏجاڻي ۾ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر اظھر حسين ٽانوري، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري ممتاز نوتڪاڻي، اي ڊي سي ٽو وقار احمد ڪلوڙ، چيف آفيسر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل اشوڪ ڪمار، انفارميشن آفيسر سرفراز سمون ۽ ٻيا لاڳاپيل کاتن جا آفيسر پڻ موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.