منصوبو پورو ٿيڻ سان هزارين ماڻهن کي روزگار ملندو: خورشيد شاهه

سکر ( رپورٽر  ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير آبي وسائل سيد خورشيد احمد شاھ چيو آهي ته  پروجيڪٽ ڏئي ڪنهن  تي احسان ناهي، اهو 300 ڪيوسڪ جو منصوبو هو، هاڻي 500 ڪيوسڪ ٿي ويو آهي ۽ هاڻي 2 لک ايڪڙ فوٽ تي پکڙيل آهي، خيرپور فيڊر مان پاڻي نه پيو ورتو وڃي ڇو ته اُتان پاڻي ڪڍڻ لاءِ پاڻي اُتي بند ڪيو ويندو هو، هاڻي ٽي شاخون شروع کان آخر تائين وهي رهيون آهن سکر جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ 5 ڪلاس رومز، 5 استادن ۽ سهولتن جي شروعات ڪئي وئي آهي، هن وڌيڪ چيو ته اسان جو ڪم فطري طريقي سان روزگار فراهم ڪرڻ آهي جڏهن اهو منصوبو مڪمل ٿيندو ته 20 هزار ماڻهن کي روزگار ملندو منھنجي ڪوشش آهي ته معذورن کي روزگار ملي، منهنجي خواهش آهي ته هن ضلعي کي ماڊل ضلعو بڻايو وڃي سکر ۾ نئون منصوبو ايڪسپورٽ پروموشن زون کي 400 ايڪڙن جي منظور ٿي ويو آهي.جتي آئي ٽي ذريعي ماڻهو هتي ويهي ڪري ٻاهرين ملڪن ۾ ڪم ڪندا، پاڻي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ کنيل قدم پٽڻي جي آبادگارن لاءِ هڪ انقلابي قدم آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.