نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ ڪتي جي ڀونڪڻ تي جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ عورت مارجي وئي، جڏهن ته 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ڀارتي ميڊيا موجب اتر پرديش جي علائقي بليا ۾ ڪتي جي ڀونڪڻ تي ٻن ڌرين ۾ تڪرار ٿيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڏند چڪ کانپوءِ اهي هٿين پئجي ويا.
مقامي پوليس جو چوڻ آهي ته ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 50 ورهين جي عورت مارجي وئي، جڏهن ته 5 ڄڻا زخمي به ٿيا.
پوليس موجب واقعي جو ڪيس داخل ڪري 3 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ معاملي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.