بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا اربين رپيا سرڪاري ملازم کائي ويا!

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ماضي ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا 19 ارب رپيا سرڪاري ملازمن ۾ ورهائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) ۾ آڊٽ اختيارين ٻڌايو ته هڪ لک 43 هزار ماڻهن ۾ غير قانوني طور  رقم ورهائي وئي، 17هين گريڊ ۽ ان کان مٿي جا اڍائي هزار آفيسر ڪيترائي سال رقم کڻندا رهيا.

پي اي سي سرڪاري ملازمن کان ان رقم جي ريڪوري ۽ انڪوائري جي هدايت ڪئي آهي.

وفاقي وزير نور عالم خان جي صدارت هيٺ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ ڊويزن جي آڊٽ رپورٽ 20-2019 جي جائزي دوران بي آءِ ايس پي ۾ 57 ارب رپين جي مالي بي ضابطگين جو انڪشاف ڪيو ويو.

پي اي سي بي آءِ ايس پي جي رقم سڌي ريت ڊپٽي ڪمشنرن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن کي منتقل ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، پي اي سي ميمبر هزهت پٺاڻ چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ سان متاثر ماڻهن کي رقم نه ملي.

اجلاس ۾ ماضي ۾ بي آءِ ايس پي جا 19 ارب رپيا سرڪاري ملازمن ۾ ورهائڻ جو انڪشاف ڪيو ويو.

آڊٽ اختيارين ٻڌايو ته هڪ لک 43 هزار ماڻهن ۾ غير قانوني طور تي رقم ورهائي وئي، 17هين گريڊ ۽ ان کان مٿي جا 2500 آفيسر به رقم وٺندا رهيا، 2011 کان غير اهل ماڻهن کي رقم ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿيو، 2019 ۾ پاليسي ٺهڻ کانپوءِ غير حقدارن کي رقم فراهمي جو سلسلو بند ٿيو.

پي اي سي بي آءِ ايس پي ٽيم جي بريفنگ تي عدم اعتماد جو اظهار ڪندي وزيراعظم ۽ لاڳاپيل وفاقي وزير کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو.

نور عالم خان بي آءِ ايس پي جي ڊي جي ڪيش تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کيس اجلاس مان ڪڍي ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.