ڪنري ۾ سستي اٽي جو اسٽال بند ڪرڻ خلاف عورتن سميت احتجاج

ڪنري (رپورٽ: وسرام چند مڪواڻا) ڪنري تعلقي ۾ ڪڻڪ جي اٽي سميت ٻين شين جي اگھن ۾ گھٽتائي ناهي اچي سگھي، جڏھن ته انتظاميا طرفان قائم ڪيل سستي اٽي جو اسٽال به عوام کي ڪو فائدو ناهي ڏئي سگھيو. شھر جي مين ٻسٽان روڊ تي قائم سستي اٽي جو اسٽال بند ٿيڻ خلاف سوين عورتن ۽ مردن احتجاجي مظاھرو ڪندي ڌرڻو ھنيو ۽ روڊ بلاڪ ڪري ٽائرن کي باھيون ڏنيون. احتجاج دوران مڇريل عورتن پاران اسٽال جي دڪان کي ڏنڊن سان ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ کي روڪينديون رھيون. ٻئي پاسي جماعت اسلامي طرفان عيد گاھ روڊ کان مک آمريڪن چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو. ڌرڻي سبب ڇڪتاڻ وارو صورتحال رھي مظاھري جي اڳواڻ عورتن ۽ مردن مسمات حاجران، سميعا، فرح بيبي، سويرا، امامت، حيدر علي، خالد جان، فاطمه ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانھيندي ٻڌايو ته اٽي جو اگهھ 170 رپيا ڪلو ٿي ويو آھي، غريب ماڻھو تمام سخت پريشان آھي، ڊي ايس پي ڪنري غلام مصطفيٰ ڪاڇيلو سستي اٽي جي اسٽال اڳيان لڳل ڌرڻي ۾ پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪري اسٽال کولرائي ٻن ڪلاڪن بعد ڌرڻو ختم ڪرايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.