ڪراچي(رپورٽر) اطلاعات وارو صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ، عمران خان ۽ پي ٽي آئي اڳواڻن پاران ڊونرز ڪانفرنس بابت ڏنل بيانن جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي وطن جي ٻوڏ متاثرن لاءِ ماحولياتي انصاف جو مقدمو عالمي برادري سامهون ڪاميابي سان پيش ڪيو آهي، ڪامياب سفارتڪاري کي پنڻ سان تشبيھ ڏيڻ ملڪ ۽ قوم جي توهين برابر آهي،عمران خان جهڙا ماڻهون چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي وقار ۽ معيار کي پرکڻ کان عاري آھي. هن چيو ته خان صاحب ڪيستائين توهان ۽ توهان جي جماعت پاڪستان جي ايجنڊي ۽ مفادن خلاف سازشون ڪندا رهندا، خان صاحب ڪيستائين توهان ٻوڏ متاثرن سان دشمني ڪندا رهندا ؟