ڪراچي ۾ ڦر مزاحمت تي 2 شهري مارجي ويا

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي سرجاڻي ٽائون ۾ گهر  ۾ ڦر دوران مزاحمت تي جوابدارن فائرنگ ڪري شهريءَ کي قتل ڪري ڇڏيو.  پوليس موجب واقعو سرجاڻي ٽائون جي يارو ڳوٺ ۾ پيش آيو، جتي 3 جوابدار سلمان جي گهر ۾ چوري جي ارادي سان داخل ٿيا، جنهن دوران گهر ڀاتي جاڳي پيا، جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ شھري سلمان مارجي ويو.پوليس موجب جوابدار گهر مان موبائل فون ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي ويا. مقتول سلمان 3 ڀائرن ۽ چئن ڀينرن ۾ سڀ کان وڏو ۽ گھر جو واحد ڪمائيندڙ ھو. ٻئي طرف نيو ڪراچي ۾ ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي هڪ ٻيو شهري مارجي ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.