نصيرآباد ۾امتحاني فيس معاف نه ٿيڻ خلاف گسٽا جو احتجاج

نصيرآباد (ن ع آ) نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي شاگردن جِي فيس معاف نه ٿيڻ جي ڪري گسٽا تعلقي نصيرآباد ۽ ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي  سڏ تي نصيرآباد بوائز ھاءِ اسڪول ۾ استادن ۽ شاگردن پاران ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي گسٽا اڳواڻن جاويد ڳنواس، اياز هاليپوٽو، نجي چنو، سعيد لوهر، شاگردن ظهور احمد، بهرام ميراڻي، نويد کوسو ۽ ٻين جو چوڻ هو ٻوڏ بعد سڄي سنڌ اندر ٿيل نقصان باوجود به حڪومت پاران غريب شاگردن مٿان ڳريون فيسون مقرر ڪرڻ تعليم دشمن عمل آهي، حڪومت کي گهرجي ته نائين ۽ ڏهين ڪلاس جون فيسون معاف ڪري، جيڪڏهن امتحاني فيسون معاف نه ڪيون ويون ته احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي، سندن وڌيڪ چوڻ هو ته ڌرڻي دوران ايس ايڇ او وڳڻ منظور چانڊيو پاران شاگردن مٿان ڪيل تشدد جو آئي جي سنڌ ۽ وزير تعليم نوٽيس وٺي ايس ايڇ او خلاف سخت ڪارروائي ڪري شاگردن سان انصاف ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.