نون صوبن بابت ٺاهيل ڪميٽي رد ڪيون ٿا: دودو ديشي

نصيرآباد (پ ر ) جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ دودوديشي پاران نوان صوبن بابت ٺاهيل ڪميٽي ۽ نيئن آدمشماري ۾ بنا  شناختي ڪارڊ جي ڳڻپ واري عمل کي سنڌ سازش قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو, دودوديشي اڄ جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ دودوديشي , رنق علي ڦلپوٽو , علي عباس جانوري,  صحافي علي گل انقلابي, وحيد مئيو,  عمران ميراڻي, محمد علي توڻيو, عرفان علي ڀٽي تعلقه پريس ڪلب پچهي نوان چونڊيل عهديدران  صدر الله بخش قريشي, صحافين روشن علي ڀٽي , جي ايم مسڻ, راجا لاشاري, بشير احمد بروهي ٻين کي گلن جا هار پارائي مبارڪون ڏنيون ۽ خوشي جواظهار ڪيو نصيرآباد (ت,ر) سنڌ کي ڪنھن به صورت ورھائڻ نه ڏينداسين نون صوبن بابت ٺاھيل ڪميٽي کي رد ڪيون ٿا ۽ نئين آدمشماري ۾ بنا شناختي ڪارڊ جي ڳڻپ وارو عمل سنڌ کي اقليتن ۾ تبديل جي سازش آهي سنڌ حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي سنڌ کي ورھائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ڀرپور جدوجھد ڪنداسين اھڙو اظھار جيئ سنڌ قومپرست پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ دودوديشي تعلقه پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ سرڪار پنھجي نااھلي لڪائڻ لاءِ ڪونہ ڪو اشو ڇڏي ٿي سنڌ سرڪار اقتدار خاطر ھڪڙي پاسي سنڌ جون زمينون، وسيلا وفاق کي وڪڻي ڇڏيون آهن. ڏوڪري جي سماجي اڳواڻ محمد سچل ٻگهيو جي گهر واري ۽ پرائمري استاد علي حسن ٻگهيو جي امڙ لاڏاڻي تي جسقپ جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ دودوديشي , احمد علي ڀٽي , زائق هليو جي پئنرن سان تعزيت ڪري ڏکويل خاندان سان ڏک ونڊيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.