معاشي بحران ۾ پيسجندڙ عوام ۽ حڪمران

تحرير: شفيق الرحمان شاڪر

هاڻي اسان جي حڪمران طبقي توڙي اصل واڳ ڌڻين کي به اها ڳالهه چڱيءَ  طرح سمجهه ۾ اچي ويئي آهي  ته پاڪستان هن وقت معاشي ميدان ۾ هڪ غير معمولي صورتحال جو شڪار آهي ۽ ان صورتحال کي جيڪر ڪجهه به عرصو وڌيڪ جيئن جو تيئن برقرار رهڻ ڏنو ويو ته سامهون معاشي ڏيوالپڻي جي سرحد صاف نظر اچي رهي آهي، ان غير معمولي صورتحال مان نڪرڻ جو واحد علاج غير معمولي قدمن سان ئي ممڪن ٿي سگھي ٿو..

اسان جا معاشي ماهر ڪينسر جهڙي مرض جو علاج هميشه ڊسپرين جي گولي سان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن، جنهن جو نتيجو وڌيڪ معاشي بدحالي جي صورت ۾ نڪرندو رهيو آهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان کي ڪوڙيون گوليون کائڻيون پونديون، پر اهي ڪوڙيون گوليون هن وقت تائين صرف عام غريب ماڻهوءَ کي ئي کائڻيون پون ٿيون ۽ طاقتور طبقن کي هر آزمائش کان آزاد رکي کين وڌيڪ رعايتون ۽ سهوليتون مهيا ڪيون وينديون آهن.، معاشي ميدان ۾ بنيادي تبديلي، بنيادي سڌارن سواء ممڪن نه آهي.جڏهن بنيادي سڌارن جي ڳالهه ٿئي ٿي ته ان مان مراد ڪجهه نمائشي قسم جا سڌارا نه هوندا آهن.اسان جنهن جمهوري نظام جو راڳ هر وقت آلاپيون ٿا ان جو بنياد ئي سڌارن تي هوندو آهي. اهڙا سڌارا جن جو تعلق عام ماڻهوء جي معاشي مفاد سان هجي ۽ هن کي سهنجائيءَ  سان ساهه کڻن جو موقعو ملي. ان سان حڪمرانن ۽ عام ماڻهوءَ جي وچ ۾ اعتماد جو تعلق به قائم ٿيندو، ڇاڪاڻ ته تيستائين مرض جو صحيح علاج ممڪن نه ٿيندوجيستائين ان مرض جي صحيح سڃاڻپ نٿي ڪئي وڃي.

معاشي استحڪام ڪنهن به سياسي نظام ۽ حڪومت جي ڪاميابي جي ڪنجي آهي ۽ ڪا به حڪومت معاشي بحران کي حل ڪرڻ سواءِ دنيا توڙي عوام اندر پنهن جي ساک کي بهتر بنائي نٿي سگھي. هاڻوڪي حڪومت به ان بحران کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ ان کي منهن ڏيڻ سان ئي هو پنهنجي جي ساک کي بهتر بڻائي سگهن ٿا.ان ڳالهه کي جيڪر صحيح تسليم به ڪجي ته هن حڪومت کي معاشي بحران ورثي ۾ مليو آهي ته سوال ٿو پيدا ٿئي ته وقت جي اها ڪهڙي حڪومت رهي آهي جنهن سمورين معاشي خرابين جي ذميداري اڳين حڪومتن تي نه وڌي هجي؟ عوام جي ان ڳالهه سان ڪا دلچسپي ناهي هوندي ته توهان کي ورثي ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون مصيبتون ۽ پريشانيون مليون آهن.

عوام هر حڪومت کان اها ئي اميد رکندو آهي ته اها سندس مشڪلن ۽ مصيبتن ۾ ڪجهه ڪمي آڻيندي. اٽي ان جو اگھه ڪجهه سستو ٿيندو.ٻن وقتن جي مانيءَ  لاءِ  ڪو روزگار جو بندوبست ٿيندو.سرڪاري اسپتالن ۾ ڪا سوئي دوا ملندي، روزمرهه جي بنيادي استعمال جي شين جي اگھن ۾ ڳاٽي توڙ اضافو نه ڪيو ويندو. دوائڻ جون قيمتون پنج سو سيڪڙو نه وڌايون وينديون.جيڪڏهن ڪا به حڪومت عوام جي انهن بنيادي اميدن مان ڪنهن به اميد تي پورو نٿي لهي ته ڀلي صبح سانجهيءَ  ماڻهن کي ڪهڙا به قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌائي،ڪهڙا به جواز ۽ بهانا گھڙي،عوام ۽ سندن وچ ۾ ڪڏهن به همدردي ۽ احساس جو رشتو قائم ٿي نه سگھندو.ڇا وفاقي توڙي سمورين صوبائي حڪومتن لاءِ  اها شرم جي ڳالهه ناهي ته اڄ ڪلهه اٽو هڪ سو پنجهٺ روپيا ڪلو جي حساب سان وڪامي رهيو آهي پر حڪمران خبر ناهي ڪهڙي گھور ننڊ ۾ پيل آهن. جڏهن دليل ڏنو وڃي ٿو ته اسان عام ماڻهوءَ جي معاشي حالت کي تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا، ته ان جو گهڻو تعلق معاشي سطح تي روزگار جي ننڍڙن موقعن ۽ ماحول  پيدا ڪرڻ سان هوندوآهي.

حڪومت جي وڏي ترجيح مائيڪرو انٽرپرينيئرشپ جهڙا ماڊل هجڻ گهرجن. مڃيوسين ته روزگار فراهم ڪرڻ هاڻي حڪومت جي اڪيلي ذميواري نه رهي آهي پر هڪ اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ جنهن سان ماڻهن کي معاشي ميدان ۾ ڪجهه ڪرڻ جا موقعا فراهم ٿين ته اها حڪومت جي نه ته پوءِ ڪنهن جي ذميداري آهي؟. خاص ڪري نوجوانن ۾ اهو شعور پيدا ڪرڻ ته هو پنهن جو پاڻ کي اڳتي وڌائين ۽ ننڍا ننڍا ڪاروبار ڪن. حڪومت کي گهرجي ته انهن نوجوانن کي بنان وياج جي ننڍڙا قرض جاري ڪري .گھريلو صنعتن کي هٿي وٺرائي اهڙو ماحول  پيدا ڪجي جو خاص ڪري گهرن ۾ ويٺل عورتون پڻ معاشي عمل ۾ حصو وٺي سگھن ۽ ان حوالي سان اسان کي بنگلاديش، ڀارت، سريلنڪا ۽ نيپال جهڙن ماڊلز کان سکڻو پوندو.

حڪمران طبقي کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته معاشي ترقي سياسي اڪيلائي ۾ نه ٿي ٿئي. ان لاءِ  هڪ جامع سياسي ۽ معاشي نظام جي ضرورت آهي، جيڪو مضبوط بنيادن تي بيٺل هجي. ان عمل  کي پڻ هڪ مضبوط ادارتي فريم ورڪ جي ضرورت هوندي آهي. ڇو ته ادارن جي مدد سان ئي اسان معاشي ترقي سان لاڳاپيل هدف حاصل ڪري سگهون ٿا. اسان جي ادارن جي صلاحيت تمام ڪمزور آهي بلڪه ادارا گھڻي ڀاڱي تباهه ٿي چڪا آهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو اسان تمام گهڻا وسيلا خرچ ڪري به گهربل نتيجا حاصل نه ڪري سگهيا آهيون. عالمي سطح تي اسان جي معاشي ترقي ۽ عام ماڻهوءَ جي گذران سان لاڳاپيل انگ اکر ٻڌائين ٿا ته اسان  ڏينهون ڏينهن بدحالي جي هڪ ڌٻڻ ڏانهن ڌڪجي رهيا آهيون. غربت جي لڪير کان هيٺ رهندڙ ماڻهن جي انگ ۾ تيزيءَ  سان اضافو ٿي رهيو آهي، تعليم ۽ صحت جهڙين بنيادي سهولتن جي عدم فراهمي، بيروزگاري، مهانگائي، پيٽرول، بجلي، گيس ۽ دوائن جي اگهن ۾ واڌ سبب عام ماڻهوءَ جي مشڪلاتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، هاڻي اسان کي  پنهنجي سموري سياست کي  اهڙي فريم ورڪ ۾ نئين سر آڻڻو پوندو، جنهن جي اسان کي هن وقت ترت ۽ تڪڙي ضرورت آهي ۽ اهو عمل وڏن سياسي سڌارن ۽ ادارن جي بحاليءَ  سان جڙيل آهي، جيڪڏهن اسان اهو سڀ ڪجهه نه ڪري سگهياسين ته پوءِ معاشي بحران کي منهن ڏيڻ جو خواب رڳو هڪ خواب ئي رهندو!

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.