ڊيوٽيز ۽ ليويز جي مد ۾ ٽيلي ڪام واهپيدارن کان وڌيڪ 100 ارب وصوليءَ جو انڪشاف

اپريل 2022 ۾ پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ٽيڪس جي شرح ۾ واڌ جي نيتيجي ۾ 30 جون 2022 کي ختم ٿيڻ واري مالي سال جي دوران ٽيلي ڪام ۽ انٽرنيٽ سروس واهپيدارن ڊيوٽيز ۽ ليويز جي مد ۾ 100 ارب رپيا کان وڌيڪ ادا ڪيا.

رپورٽ موجب ناني سال 2021-22 جي دروان ٽيلي ڪام شعبي قومي ناني ۾ مجوعي طور تي 3 کرب 25 ارب 20 ڪروڙ جمع ڪيا جڏهن ته هن سال کان اڳ 2 کرب 25 ارب 80 ڪروڙ رپيا جمع ڪيا.

پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) پاران ساليانو رپورٽ 2022 موجب ناڻي سال 2021 جي دوران نون واهپيدارن جو انگ 10 ڪروڙ کان وڌي 11 ڪروڙ 87 لک تائين پهتو جيڪو ناڻي سال جي دوران 16 سيڪڙو واڌ کي ظاهر ڪري ٿو.

انگن اکرن موجب ٽيلي ڪام شعبي 2 ارب 7 ڪروڙ ڊالر سيڙپڪاري ۽ 2 کرب 22 ارب 70 ڪروڙ رپيا ٽيڪس جڏهن ته نيڪسٽ جنريشن موبائيل سروسز (اين جي ايم  ايس) جي نيلامي ۽ لائسنس ٺاهڻ جي مد ۾ هڪ کرب 2 ارب 50 ڪروڙ رپيا ادا ڪيا.

رپورٽ موجب ٽيلي ڪام شماريات ۽ سڄي پاڪستان ۾ ٽيلي ڪام جي انگن اکرن ۽ ان جي استعمال ۾ واڌ تي به روشني وڌي وئي.

پي ٽي اي موجب منافعي خوري ۽ مهانگائي کانپوءِ به ٽيلي ڪام شعبي ترقي ڪئي ۽ سحري ماحول ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري.

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو موبائيل فونز جي درآمد ۾ گهٽتائي ٿي ڇاڪاڻ ته مقامي طلب ملڪي سطح تي تيار ڪيل مصنوعات ذريعي پوري ڪئي وئي.

پاڪستان جنوري 2021 کان سيپٽمبر 2022 تائين 4 ڪروڙ 13 لک موبائيل فون تيار ڪيل پر سمارٽ فون جي انگ ان جي اڌ تائني به نه پهتي ۽ اهو انگ هڪ ڪروڙ 73 لک رهي.

مقامي سطح تي موبائيل فون جي تياري کان روزگار جا موقعا پيدا ٿيا جڏهن ته ڪيترائي عالمي برانڊ مثال سامسنگ، نوڪيا، اوپو، ويوو، ٽيڪنو ۽ انفنڪس پهريون ئي ملڪ ۾ مينوفيڪچرنگ ڪري رهيا آهن.

پاڪستان ۾ ٽيلي ڪام واهپيدارن جو انگ 196 ڪروڙ70 لک کان وڌيڪ آهي جيڪو 90 سيڪڙو ٽيڪي ڊينسٽي سبب آهي.

بائيوميٽرڪ طور تي تصديق ٿيل سمز يا سبسڪرائبرز جو انگ 19 ڪروڙ 40 لک کان وڌيڪ آهي جڏهن ته براڊ بينڊ سبسڪرپشن 56 سيڪڙو واڌ سان 12 ڪروڙ 40 لک ٿي وئي آهي.

رپورٽ موجب پاڪستان جو ساليانو موبائيل ڊيٽا جو استعمال 8 هزار 970 پيٽا بائيٽس کان وڌي ويو جيڪو 31 سيڪڙو ساليانو واڌ سان هر مهيني اٽڪل 6.8 جي بي في سبسڪرائبر آهي.

سالانو رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته بيگو، اسناڪ، وڊيو ۽ ميڪو جهڙا انٽرنيشنل سوشل ميڊيا پليٽ فارم کي پي ٽي اي پاران قانوني فريم ورڪ تحت رجسٽر ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.