اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي لاءِ جنيوا ڪانفرنس ۾ اعلانيل رقم بابت وضاحت ڪئي آهي.
اسلام آباد ۾ جنيوا مان واپسي تي وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٻين وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اسحاق ڊار چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن جي ٽن سالن ۾ بحالي ۽ نئين سر تعمير ڪرڻي آهي، ٽن سالن ۾ اسان کي ري ڪنسٽرڪشن ۽ ري هيبليٽيشن مڪمل ڪرڻي آهي.
ان دوران صحافي سوال ڪيو ته ڇا جنيوا ڪانفرنس جي اعلانيل 9.7 ارب ڊالرن مان 8 ارب ڊالر قرض آهي؟ جنهن تي اسحاق ڊار وضاحت ڪندي چيو ته اعلانن مان پراجيڪٽ لونز (قرض) جي رقم 8 ارب ڊالرن کان وڌيڪ آهي ۽ جيڪڏهن سعودي ڊولپمينٽ بئنڪ جا هڪ ارب ڊالر به شامل ڪيا وڃن ته اها رقم 9 ارب ڊالرن کان وڌي ويندي.