واپارين ۽ دڪاندارن لاءِ بُري خبر، وفاقي سرڪار منصوبو تيار ڪري ورتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي حڪومت معيشت بحالي جو منصوبو تيار ڪري ورتو ۽ جلد ئي قومي اسيمبلي مان مني بجيٽ منظور ڪرائي ويندي.

وفاقي حڪومت طرفان معيشت جي بحالي جي ڏهه سالا گڏيل منصوبي موجب ٽارگيٽڊ سبسڊي رڳو گهٽ آمدني واري طبقي کي ڏني ويندي، پيٽروليم شين ۽ گئس تي پيٽروليم ليوي 70 کان 100 رُپيا في ليٽر ڪرڻ، دڪاندارن ۽ واپارين تي واڌو ٽئڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز آهي.

صوبن ۾ منتقل ٿيندڙ فنڊز  گئس ۽ بجلي واري شعبي ۾ لائين لاسز سان سلهاڙجي ويندا.

گذريل ڏينهن قومي سلامتي ڪيمٽي جي اجلاس ۾ پيش ڪيل ان ڄاڻايل منصوبي موجب پيٽرول، بجلي ۽ گئس جي راشننگ ذريعي جاري کاتن جو خسارو پورو ڪيو ويندو، رُپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جي قدر جو تعين مارڪيٽ جي بنياد تي ڪرڻ، رياستي ملڪيتي ادارن جي خانگائڻ، مقامي ۽ غيرمقامي قرض جي ري اسٽرڪچرنگ جي تجويز به ان منصوبي ۾ شامل آهي .

منصوبي تي عملدرآمد لاءِ قومي اسيمبلي مان مني بجيٽ منظور ڪرائي ويندي، مني بجيٽ منظور ٿيندي ئي آءِ ايم ايف پروگرام بحالي ۾ ايندڙ سمورين رنڊڪون ختم ٿي وينديون.

ملڪي معيشت جي بهتري جو اِهو منصوبو دوست ملڪن سان شيئر ڪري اسٽرڪچرڊ سپورٽ گهري ويندي، انهن ملڪن ۾ چين، گڏيل عرب رياستون، سعودي عرب، قطر، يورپي يونين ۽ آمريڪا شامل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.