واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) اپالو 7 جو آخري بچي ويل خلاباز والٽر ڪننگھم 90 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
پرڏيهي خبرن موجب ناسا سان تعلق رکندڙ آمريڪي خلاباز والٽر ڪننگھم اپالو پروگرام 7 جو حصو هو، جنهن 1968 ۾ خلا ۾ 11 ڏينهن جو ڪامياب مشن ڪيو،
والٽر ڪننگھم کي خلا مان ٽي وي پروگرام نشر ڪرڻ تي ايمي ايوارڊ به ڏنو ويو هو.
اپالو 7 ناسا جي پروگرام ۾ شامل پهرين انساني پرواز هئي، جنهن جي قيادت خلاباز والٽر ايم شيراز ڪئي جنهن ۾ پائلٽ والٽر ڪننگھم شامل هو.