پرويز الاهي جي اعتماد جي ووٽ وارو مامرو، عمران خان پارٽي اڳواڻن کي اهم ٽاسڪ ڏئي ڇڏيا

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پارٽي اڳواڻن کي اهم ٽاسڪ سونپي ڇڏيا آهن.

ذريعن موجب عمران خان پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر سبطين خان، عثمان بوزدار، اسلم اقبال، محمود الرشيد ۽ عباس علمدار کي اهم ذميواريون ڏنيون آهن.

عمران خان پارٽي اڳواڻن کي هدايت ڪئي آهي ته يارنهن جنوري کان اڳ هر صورت ۾ اعتماد جو ووٽ ورتو وڃي جنهن لاءِ پارٽي اڳواڻ اسيمبلي ميمبرن سان رابطن جو عمل جلد مڪمل ڪن، اعتماد جي ووٽ بعد پارٽي فيصلي موجب ايندڙ حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي.

پي ٽي آءِ ذريعن موجب فلحال ٽي ميمبر اعتماد جي ووٽ نه ڏيندا، انهن ٽن ايم پي ايز جي پارٽي پاليسي جي خلاف وڃڻ جو امڪان آهي.

ذريعن موجب هن وقت پي ٽي آءِ ۽ ق ليگ کي 187 ميمبرن جي حمايت حاصل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.