سنڌ ۾ اٽي جو بحران

دودو ديشي

سِنڌ ۾ اَٽي جو ڀَيانڪ بُحران پيدا ٿي ويو آهي، ۽ فِي ڪلو اَٽو 130 رُپيا ٿي ويو آهي. ڪراچي ۽ حيدرآباد سَميت مُختلف شَهرن مان اَهڙيون شڪايتون اَچي رَهيون آهن- لاڙڪاڻي،سانگهڙ ضلعي مان پڻ رپورٽ ٿيو آهي ته اَٽو اَڻلڀ ٿِي ويو آهي- بَدين ضلعي مان به ساڳي شڪايت آئي آهي- گهوٽڪي ضلعي ۾ پِڻ اَٽي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي.

اَهڙي طرح گذريل ڏينهن سَڄي سِنڌ مان اُهي دانهون ۽ شڪايتون اِينديون رَهيون ته اَٽو فِي ڪلو 130 رپيا مِلي رَهيو آهي- اُها دانهن سِنڌ حُڪومت تائين به پُهتي آهي، پر حُڪومت جو چوڻ آهي ته اَٽي جو بُحران هٿرادو آهي- سِنڌ ۾ ڪڻڪ جي ڪا به کوٽ ناهي- صُوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته اسان وٽ مارچ تائين جي ڪڻڪ موجود آهي، جنهن ڪري اَٽو وڌيڪ اگهه تي وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي- ٻئي طرف دڪاندارن جو چوڻ هو ته کين اَٽو مهانگو ملي رَهيو آهي، جنهن ڪري هُو وڌيڪ اگهه وٺڻ تي مَجبور آهن- اَهڙي طرح اُن سَڄي خطرناڪ راند ۾ فلور ملرس پڻ مُلوث آهن، جَن جو چوڻ آهي ته کين ڪڻڪ گهٽ مِلي رهي آهي، جنهن ڪري اَٽي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي- پَنجاب ۾ پڻ اَٽي جو بُحران ختم ٿي ويو آهي، 80روپيا ڪلو ٿي ويو آھ سنڌ ۾ مهانگو ڇو؟

اَسان چئون ٿا ته سِنڌ جو عوام بَرساتي ٻوڏ سَبب اڳيئي سَخت تڪليف ۾ آهي- مَجموعي مَعيشت تباهه ٿيل آهي- ڪاروبار ختم ٿِي چُڪو آهي، ۽ زراعت تباهه ٿِي چُڪي آهي- اَهڙي صُورتحال ۾ روزگار جا وسيلا پڻ گهٽجي ويا آهن- مَهانگائيءَ جو مسئلو شدت اَختيار ڪري ويو آهي- هر شيءِ مهانگائي ٿي چُڪي آهي، پر گهٽ ۾ گهٽ اَٽي جي مُعاملي ۾ اُهو ظلم ۽ ڏاڍ بَرداشت نَٿو ڪري سَگهجي- وزيراعظم شَهباز شريف هر روز عوام کي رليف ڏيڻ جو راڳ ڳائيندو رَهي ٿو-

بِلاول ڀُٽو زرداري به چَوي ٿو ته اَسان جي اچڻ سان مُلڪ ”ڊفالٽ“ ٿيڻ کان بَچي ويو آهي- اتحادي حڪومت جا سَمورا وزير مشير روز نيروءَ واري بانسري وڄائي رَهيا آهن ته سَڀ خير آهي- پَريشانيءَ جي ڪا به ڳالهه ناهي- گذريل ڏينهن ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو ته حُڪومت جي ڪا به غلطي ناهي- نِظام خراب آهي- مُلڪ ”ڊفالٽ“ نه ڪري رَهيو آهي، ۽ صُورتحال ڪنٽرول ۾ آهي

حَقيقت ۾ عام استعمال جُون شَيون ماڻهن جي قُوتِ خريد کان ٻاهر هَليون ويون آهن- اَٽو 150 رپيا ڪلو ٿي ويو آهي، ۽ حُڪمران راڳ ڳائي رَهيا آهن ته سَڀ ٺيڪ آهي، ۽ صُورتحال ڪنٽرول هيٺ آهي.

اسان جو ننڍڙو سَوال آهي ته هڪ مزدور جيڪو هر روز وڏي مُشڪل سان 500 يا 600 رپيا ڪمائي ٿو، اُهو آخر پنهنجي ٻچڙن لاءِ  130 رپين ۾ اَٽو ڪيئن خريد ڪري سَگهندو؟ ۽ جيڪڏهن اَٽو خريد ڪندو ته پوءِ ڇا ٻيو ڪُجهه کائڻ پيئڻ لاءِ  نه کپي.سِنڌ حُڪومت جي دعويٰ جيڪڏهن دُرست آهي ته پوءِ بُحران ختم ڪرايو وڃي، نه ته عوام اُهو سَمجهڻ تي مَجبور ٿيندو ته ڪَڻڪ بِلڪل موجود آهي، پر اُنهن ئي ماڻهن وٽ اسٽاڪ ٿيل آهي، جيڪي حُڪومت ۾ ويٺل آهن، يا ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان حُڪومت سان جُڙيل آهن، جنهن ڪري اَٽي جو بُحران پيدا ٿيو آهي، جيڪو ناقابلِ قبول ۽ ناقابلِ بَرداشت آهي عوام کي رليف ملڻ کپي. کائڻ جي اٽي ۾. ڇاڪاڻ غريب عوام تنگ ٿي چڪو آھي هاڻي پنهنجي حقن لاءِ  قومپرستن جو ساٿ ڏين، جيڪي سندائين روڊن تي عوام لاءِ  ھوندا آهن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.