سياري جي موسم آهي ۽ هن موسم ۾ جيڪڏهن توهان ٿڌي پاڻي سان وهنجندا ته ڏڪڻي وٺي ويندي.
ان لاءِ اسان کي گيزر جو استعمال ڪرڻو پوندو، جيڪو بجلي جي به کپت آهي ۽ گيس جي به لوڊشيڊنگ آهي.
پر جيڪڏهن گيس جو بندوبست هجي به تڏهن به ٿانو استعمال ٿيندا ۽ تڪليف سان گڏوگڏ سڙڻ جو به خطرو هوندو آهي.
اهڙي صورتحال ۾ پاڪستانين کي هڪ اهڙي نظام جي سخت ضرورت آهي جيڪو نه انهن انهن تي بلن جي حوالي سان بار نه وجهي پر وقت ۽ زندگين کي به بچائي سگهي.
سو انهن سڀني ضرورتن جو حل بازار ۾ موجود آهي، مارڪيٽ ۾ ”انسٽنٽ واٽر هيٽر“ موجود آهن جيڪي استعمال لائق پاڻي کي گرم ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا.
اهي واٽر هيٽر سڌو سنئون توهان جي نلڪي ۾ لڳن ٿا، يقينا اهي بجلي استعمال ڪن ٿا پر ڪجهه يونٽن کان وڌيڪ نه آهن، تنهنڪري اهي توهان جي کيسي تي گهڻو وزن نه ٿا وجهن.