نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ 16 سالن جي جاڙين ڀينرن آپريسن ذريعي هڪ ٻئي کان ڌار ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. لوپيٽا ۽ ڪارمن چون ٿيون ته هو گڏ جيئنديون ۽ گڏ مرنديون.
لوپيٽا ۽ ڪارمن جڏهن پيدا ٿيون ته ڊاڪٽرن چيو ته هو رڳو ٽي ڏينهن جيئريون رهي سگهنديون پر ٻئي ڀينرون جيئريون رهيون ۽ هڪ ٻئي سان سهڪار ڪري زندگي جي گاڏي هلائي رهيون آهن.
هاڻي سرجري ذريعي کين هڪ ٻئي کان ڌار ڪرڻ جي تجويز سامهون آئي ته ته ٻنهي انڪار ڪري ڇڏيو.
ٻئي ڀينرون هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن ۽ ڳنڍيل رهڻ چاهين ٿيون.