اجي ديوگن جو معاوضو ٻڌي سڀ حيران

بالي ووڊ اداڪار اجي ديوگن ڪيتريون ئي ڪامياب فلمون ڪيون آهن جن ڌماڪيدار بزنس به ڪيا پر ڇا ڪنهن کي خبر آهي ته اجي ديوگن هڪ فلم جو ڪيترو معاوضو وٺندو آهي؟

اجي ديوگن کي نه رڳو سٺو پر امير ترين اداڪار مڃيو ويندو آهي، اثاثن بابت ڳالهه ڪجي ته اجي وٽ پرائيويٽ جيٽ، لگزري گاڏيون، ان کانسواءِ هن مختلف هنڌن تي سيڙپڪاري ڪئي آهي.

رپورٽ موجب کيس برانڊز جا اشتهار به ڏنا ويندا آهن جنهن مان سٺو معاوضو ملندو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب اجي ديوگن هڪ فلم جا 60 کان 120 ڪروڙ ڀارتي رپيا وٺندو آهي.

اداڪار اجي ديوگن وٽ مهانگي لگزري گاڏيون موجود آهن جن مان ايس يو وي- رولس رائس آهي جنهن جي ملڪيت اٽڪل 7 ڪروڙ رپيا آهن.

اجي وٽ ٻين گاڏين ۾ آڊي اي 5 اسپورٽ بيڪ، رينج روورووگ، مرسيڊيز ايس ڪلاس، آ ڊي ڪيو 7 موجود آهن.

ان کانسواءِ هڪ پرائيويٽ جهاز به آهي جنهن جي ملڪيت اٽڪل 84 ڪروڙ آهي.

رپورٽس موجب بالي ووڊ ”سنگهم“ فلم جي اداڪار جا مالي اثاثا 244 کان 447 ڀارتي ڪروڙ رپيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.