مير مرتضيٰ جي نياڻي پاران ادب لکڻ بابت تربيتي ڪلاسن جو اعلان

ڪراچي( م ڊ) شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي نياڻيءَ ليکڪه فاطمه ڀٽو چيو آهي ته ننڍي کنڊ جي ثقافتن بابت خراب نان فڪشن ادب لکيو پيو  وڃي. فاطمه ڀٽو پاران ايندڙ سال فڪشن ۽ نان فڪشن ادب لکڻ بابت تربيتي ڪلاس شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. پنهنجي وڊيو بيان ۾ فاطمه ڀٽو چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي ثقافتن بابت اهي ماڻهو لکي رهيا آهن جن کي انهن ثقافتن جي ڪا ڄاڻ ئي نه آهي. هن چيو ته ننڍي کنڊ بابت نان فڪشن لکڻ لاءِ 19 مارچ 2023 کان تربيتي ڪلاس شروع ڪنديس . فاطمه ڀٽو موجب فڪشن جا ڪلاس 26 مارچ کان شروع ٿيندا.  شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي نياڻي فاطمه ڀٽو ڪيترن ئي ڪتابن جي لکاري ۽ دنيا جي مڃيل ادبي نقاد آهي . فاطمه ڀٽو اڄڪلهه هڪ نجي اداري لاءِ ادب جا تربيتي آن لائين ڪلاس هلائي رهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.