ڪِيئنَ چوان باري منگي ناهي رهيو!

جاويد شيخ

باري منگيءَ سان منهنجي پهرين ۽ باقاعده ملاقات، سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪراچيءَ جي هفتيوار گڏجاڻيءَ ۾ ٿي. جيڪي گڏجاڻيون اڄ ڏينهن تائين ڪراچي آرٽس ڪائونسل جي گل رنگ پڌر تي ٿينديون رهن ٿيون. هن سان ٿيندڙ هر ملاقات ۾ مون کي اهو محسوس ٿيندو هو، ته هو خوبصورت، پرسڪون ۽ آجپي واري حياتيءَ جو مشتاق آهي. باري تمام نه صرف گهڻو پڙهيل لکيل پر ڪڙهيل به هو. هو پيشي جي لحاظ کان ميٽلرجيڪل انجنيئر هو. ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي اداري ۾ 21 گريڊ تائين پهچي رٽائر ٿيو.

هو گولڊ ميڊلسٽ/ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن هيو. هو جيترو ادب، فلسفي، تاريخ، سائنس ۽ سماجيات سان دلچسپي رکندو هو. اوترو پنهنجي پروفيشنل فيلڊ ۾ به مهارت ماڻي هئائين. انهيءَ ڳالهه جو مونکي ذاتي طور تجربو ۽ يقين تڏهن ٿيو، جڏهن منهنجي وڏي پٽ NED مان B.E ميٽالرجيڪل شعبي ۾ پاس ڪئي. هڪ ڏينهن کيس پنهنجي پٽ سان ملائڻ ۽ سبجيڪٽ جي شيئرنگ واسطي فون ڪري ملڻ چاهيم، مگر سندس ئي چوڻ تي فليٽ هيٺان واري هوٽل تي گڏياسون، ان وقت فون ڪري پٽ کي فليٽ تان هيٺ لهي اچڻ لاءِ چيم. هو آيو، باري صاحب سان مليو، باري صاحب هميشه جيئان نارمل قسم جا ڪپڙا پهري ٿيلهو هٿ ۾ کڻي آيو هو.

هو سدائين سادن ڪپڙن ۾ رهڻ پسند ڪندو هو. منهنجي پٽ سان ميٽلرجيڪل موضوع تي ڳالهه ٻولهه شروع ڪيائين، جيڪا اڌ ڪلاڪ تائين هلي، مون ڏٺو محسوس ڪيو، ته منهنجي پُٽ جا پگهر نڪري پيا… خير ڪچهري ڪري کيس وڃڻ جو چيائين. ان بعد ٻنهي ڄڻن ادبي سياسي ۽ سماجي حالتن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پوءِ موڪلائي اٿياسون. آءُ جيئن ئي پنهنجي فليٽ تي پهتس، ته حيرت ۽ حسرت جو شڪار ٿيل منهنجي پٽ اچڻ شرط پڇيو: ”بابا توهان جو دوست انڪل باري مَنگي گيٽ اپ مان لڳي، ته نه پيو، ته ڪو هو ايڏو وڏو هوشيار آهي! عام سادا سودا ڪپڙا، ڪائي شو بازي نه، ڪائي رياڪاري هن ۾ نظر نه آئي ۽ سبجيڪٽ جي ڄاڻ ايتري جو مونکي حيران ڪري ڇڏيائين. چاليهه سال اڳ ڊگري ورتل به اڄ تائين ايترو اپڊيٽ!!

باري منگيءَ وٽ پروفيشنل علم کان علاوه ادب، آرٽ، سائنس ۽ فلسفي جي ڄاڻ به جهجهي هئي. داخلي دنيا ۾ شايد ڪو دردن جو دڪان هيس، جيڪو کيس ڳائڻ، گنگنائڻ، ٻڌائڻ تي گرمائيندو هو. هو اڪثر نجي ۽ ادبي ڪچهرين ۾ اياز کي درد ڀَري انداز ۾ ڳائيندو هو … سندس طبيعت ۽ سوچ جو محور، مرڪز ترقي پسندي هئي. تمام سٺو مقرر به هيو. گهڻن ئي موضوعن تي مهارت سان ڳالهائي ويندو هو. منهنجي نظر ۾ هو دانشور هُيو، پنهنجي ناماچاريءَ جي بک نه هيس. پنهنجي علمي ادبي ڏاهپ تي ٽڏندو نه هيو، پائڻ پهرڻ سادو، کائڻ پيئڻ پڻ سادو، ننڍي وڏي سان ياري، گهڻي ڀاڱي پاڻ جهڙن جيترن ۽ پاڻ کان گهٽ علمي ادبي حيثيت وارن سان لهه وچڙ ۾ هوندو هو.

هو By Profession وڏي عهدي وارو هيو، پر ان جو نماءُ اصل ڪونه ڪندو هو. اڄ ڪلهه ڪنهن آفيس جو ننڍو ملازم به پنهنجي پَرَ ۾ پاڻ کي صاحب لوڪ محسوس ڪرائيندو آهي. گهٽ علميءَ باوجود خالي کڳيون پيا هڻندا پر هو بنهه مختلف هيو، پڙهيو لکيو. باري سماج جو اهو پرزو هيو، جنهن کي ”الا ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن“ واري فڪري اک سان ڏسڻ گهرجي. گذريل پوين ٻن سالن کان، مون هڪ ڳالهه محسوس پئي ڪئي، ته هو آئسوليشين پسند ٿي رهيو آهي. منهنجي خيال ۾ شايد دعا منگي، جيڪا سندس ڀاڻج هُئي انهي جي اغوا واري واقعي کان پوءِ، هو ڏاهپ واري دنيا کان ڏور هليو ويو هو، يا کيس هٿ وٺي ايئن ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو ويو. ان واقعي کان پوءِ، مِلڻ، ادبي پروگرامن ۾ شرڪت، ته وڏي ڳالهه، فون کڻڻ به گهٽائي ڇڏي هئائين، اڪثر بند رهندي هيس. سئو ڀيرا ڪرڻ کان پوءِ به اگر ڪنهن جي ڪال اٽينڊ ڪندو هو، ته اهو پاڻ کي خوشنصيب سمجهندو هو. موڪل واري ڏينهن به اگر، گهر وڃي دَرَ کڙڪائبو هيس، ته گهڻي ڀاڱي ڀاڄائي (مسز باري) جواب ڏيندي هئي: ”ادا گهر ناهي!..“، ”ڀيڻ جي گهر ويو آهي“ …! ”هيڏي ويو آهي!“، ”هوڏي ويو آهي!“ وغيره وغيره.

ڪڏهن ڪڏهن، اهو لڪاءُ به ڪنهن، ڪنهن کي ڏسڻ ٻڌڻ لاءِ ملندو هيو، جو در کڙڪائڻ ۽ ”گهر ۾ نه آهي!“ جي جواب کان پوءِ، گهر ۾ موجود باري منگي پنهنجي صبر جو ضبط ٽوڙي رڙ ڪري چوندو هيو ڦلاڻا ….. هلي آ هلي آ، اندر هليو اچ، عاليه دروازو کول! ۽ پوءِ باري منگي جو مک وڏي ڪوشش بعد ئي نصيب ٿيندو هو. سنگت سان مِلي جُلي ٽڙي پوندو هو، بلڪل تازي گُل جيئان. انهيءَ ئي عرصي دوران دل جي درد ادبي عشق ۾ گهاري وجهي ڇڏيس. پر جي اهڙي عارضي ۾ مبتلا هجڻ باوجود اوچتو ڪٿي ملي ويو، پوءِ، ته سنگت جي عيد ٿي ويندي هئي، ڪچهري اهڙي ڄمندي جو ڇا ڳالهه ڪجي. سُر سنگيت، تاريخ، نظريا، فلسفو، پرڏيهي سياست، اسٽالن ۽ ادب ئي زير بحث هوندو. سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ جو نشانبر نمائندو هيو، جيستائين سنگت سان سلهاڙيل رهيو هن سنگت کي فعال رکيو. خرچ پکي جي پرواهه ڪرڻ بنا ادب جي آبياري پنهنجو فرض سمجهي ڪيائين.

20 آڪٽوبر تي جڏهن سوشل ميڊيا تان سنڌي ادب جي هن بي باڪ ليکڪ، مقرر، ڪامريڊ ۽ ڄاڻوءَ جي بي وقتي موت جون خبرون پئي گونجيون، ته ڏک ۽ افسوس جو پکي اڏندو وڃي انتها تائين پهتو. ۽ ساڻس گهاريل گذاريل گهڙين جو ريشمي تاڪيو کلندو ويو …. کلندو ويو. جيڪو اڃان تائين ڪنهن وقت رڪجي، ته ڪنهن وقت وري کُلي پوي ٿو. هڪ ڳالهه جو مون کي ڏاڍو ڏک ۽ ارمان آهي، جو باري منگي جن به سنگتين کي کارائيندو ”پياريندو“ هو، ڏکي وقت ۾ سندس مالي مدد ڪندو هو، ادبي پروگرامن جا خرچ پکا ڀريندو هو. انهن چئن دوستن مان افسوس ڪنهن به هن مهل تائين تعزيتي ريفرنس/Reference ڪوٺائي کيس مجال آ جو ڀيٽا ڏني هُجي! اڄ محترم باري منگي اسان ادبي سنگت، پنهنجي ڪٽنب، پڙهندڙن ۽ رفيقن سان جسماني طور گڏ نه آهي، پر سندس ڇڏيل تحريرون،  علمي ادبي ڪچهريون، تقريرون، اصول آدرش اسان لاءِ وصيت جو درجو رکن ٿيون. هو اسان سڀني جي وچ ۾ نه هوندي به هوندو. اهو ئي سوچي باري منگي لاءِ چوان ٿو:  باري منگي اسان جي وچ ۾ آهي، ۽ رهندو….!

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.