حيدرآباد ضلعي ۾ثقافتي رنگ رچي ويا، ريليون، قومي گيتن تي رقص، ڌرتي ماءُ کي سلام

حيدرآباد (رپورٽر) عوامي آواز ميڊيا گروپ جي ڏنل ثقافتي سڏ “اچو ته ٻوڏ متاثرن جي سار لهون” جي سِري هيٺ سنڌ جو ثقافتي ڏھاڙو حيدرآباد ضلعي ۾ ڀرپور نموني سان ملھايو ويو. ھر طرف سنڌ جا خوبصورت رنگ رچي ويا، ھرطرف سنڌي ٽوپي اجرڪ پٽڪن سان ننڍا وڏا خوشي ۾ مرڪي پيا, حيدرآباد تعلقي ٻهراڙي جي شهرن هوسڙي, سيري, بهاول زنئور, چکي, ٽنڊو عالم مري, ٽنڊو فضل ۽ ٽنڊو حيدر سميت ڳوٺن ۾ ثقافتي انڊلٺي رنگن جا تجلا رهيا، هر طرف قومي گيتن تي رقص ڪري ڌرتي ماءُ کي سلام پيش ڪيو ويو. قومپرست, سياسي سماجي ادبي صحافتي حلقن سميت شھرين ريليون ڪڍيون. جيئي سنڌ نعرن سان ريليون مختلف رستن کان ٿينديون حيدرچوڪ،  پريس ڪلب ۽ سنڌ ميوزيم تي پھتيون.حيدرآباد ضلعي جي چئني تعلقن حيدرآباد شھر لطيف آباد، قاسم آباد ۽ حيدرآباد تعلقي ٻھراڙي ۾ ڀرپور نموني سان ثقافتي ڏينهن ملهايو ويو. ڪارن موٽرسائيڪلن تي سڄو ڏينھن ريلين جو سلسلو جاري رهيو. اچو ته ٻوڏ متاثرن جي سار لهون واري سڏ تي سنڌ جي ٻوڏ متاثرين وٽ به سياسي سماجي ادبي اڳواڻن ڪارڪنن پھچي ساڻن ملاقات ڪئي ۽ کين سندن ھرقدم تي مڪمل ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪيو. حيدرآباد ۾ قاسم آباد جي مختلف رستن تي نڪتل ريليون قاسم آباد کان ٿينديون گدو چوڪ پھتيون. گدو چوڪ کان ٿڌي سڙڪ واري روڊ کان ٿينديون گل سينٽر حيدر چوڪ گول بلڊنگ کان ٿينديون پريس ڪلب پھتيون. جڏھن ته ھٽڙي باءِ پاس کان نڪتل ريليون ھالا ناڪا کان ٿينديون سٽي گيٽ کان ٽاور مارڪيٽ, سول اسپتال روڊ، تلڪ چاڙھي،  ڪوھ نور کان ٿينديون حيدر چوڪ پھتيون. المنظر ڄامشورو کان نڪتل ريليون سنڌو درياهه کي ڀيٽا ڏيندي ڄامشورو روڊ کان قاسم چوڪ تي پھچڻ بعد پونم چوڪ عيد گاھ راڻي باغ ويجھو واڌو واھ واري روڊ کان شھباز بلڊنگ روڊ کان گل سينٽر صدر مان ٿينديون شھر جي مختلف رستن جو گشت ڪيو. لطيف آباد مان نڪتل ريليون به حيدر چوڪ پھتيون. حيدرآباد جي گھانگھرا موري کان نڪتل ريلي فتح چوڪ کان ٿيندي محمدي چوڪ بدين اسٽاپ سبزي منڊي نئين پل کان ٿيندي حيدر چوڪ پھتي. ثقافتي ڏھاڙي تي حيدرآباد ۾سنڌ ھاري ڪاميٽي جي ڪارڪنن ھاري جدوجھد تحريڪ جي باني ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڪامريڊ ڄام ساقي ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي ڪامريڊ مظھر جتوئي ڪامريڊ اظھر جتوئي جي مزارن تي حاضري ڀري سنڌ جي ثقافتي ڏھاڙي تي کين سلام پيش ڪيو ويو. حيدرآباد ۾ ثقافتي ڏھاڙي تي ھرطرف ثقافت جا رنگ جرڪي پيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.