دهشتگرديءَ خلاف عملي قدم کڻڻ جي گهرج آهي

ملڪي سرڪار زوردار آواز سان چيو آهي ته ”طالبان جا حملا ڳڻتيءَ جوڳا آهن“ سرڪار جو اهو آواز ته ڪنهن به شڪ بنا زوردار آهي پر اظهار نهايت بيوسيءَ وارو آهي. ملڪي گهرو وزير جڏهن اها ڳالهه ڪري ٿو، تڏهن ان جو چوڻ اڌ سچ لڳي رهيو آهي ۽ اڌ نا سچ!

سندس اهو چوڻ ته ”دهشتگرديءَ ۾ واڌ ڳڻتيءَ جوڳي ضرور آهي پر اها ناقابل ڪنٽرول ناهي“ ڏٺو وڃي ته ان قسم جا بيان خود سرڪاري سڳوريءَ جي سموري پت وائکي ڪري رهيا آهن، اسان کي ٻڌائڻ لاءِ هي ٺيڪ آهي ته دهشتگردي ناقابل ڪنٽرول نه آهي پر عملي طور اهڙا آثار ڪڏهن پيدا ٿيا آهن؟ ملڪ ڪيترن ئي سالن کان ۽ ڪيترين ئي حڪومتن جي مٽجن باوجود اڄ به دهشتگردي جي آمهون سامهون آهي. اهڙا ڪيترائي حادثا اسان جي سامهون ٿي گذريا آهن! جڏهن پاڪستان جي عام ماڻهن کي ئي نه ادارن کي به طالبان پاران ڪيل ڪارروائين کي پوڳڻو پيو آهي ۽ هيءَ رياست اهڙو ڪجهه به ثابت نه ڪري سگهي آهي ته اها ملڪ ۾ هلندڙ گهڻن ئي قسمن جي دهشتگردين مان ڪنهن به هڪ دهشتگرديءَ سان مُنهن مقابل ٿي آهي ۽ ان تي مڪمل ڪنٽرول ڪري سگهي آهي.

اهو سڀ ٻڌائي رهيو آهي ته رياست ٺيڪ بنياد يا نا ٺيڪ بنيادن تي دهشتگردي تي ڪنٽرول بنهه نه ڪري سگهي آهي، ڪنٽرول نه ڪرڻ جا سبب پڻ هڪ کان وڌيڪ آهن، جن جو ذڪر ڪرڻ هن وقت غير ضروري ٿيندو پر هڪ ڳالهه چٽي ٿي سامهون آئي آهي ته رياست طالبان معاملي کي سيريئس نه کڻي رهي آهي، ان ۾ سندس منشا ڪهڙي آهي اهو چوڻ/لکڻ کان بالاتر آهي.

ڏٺو ته اهو ويو آهي ته ملڪي سطح تي طالبان جي حوالي ۾ طالبان اندر طالبان ۽ تباهيءَ اندر هڪ نئين تباهي ظاهر ٿي رهي آهي، جنهن تي ڪنٽرول نه ٿي رهيو آهي، سياست جون چالاڪيون پنهنجي جاءِ تي، مفادن جي سوديبازي هن ملڪ جي سياست ۽ سياستدانن کي ايترو نقصان نه ڏنو آهي، جيترو نقصان عام ماڻهو جو ٿيو آهي ۽ لڳاتار ٿي رهيو آهي. هڪ پاسي عام شهري ان دهشتگرديءَ کي ڀوڳي رهيو آهي ته ٻئي پاسي ادارن تان ماڻهن جو اعتماد کڄي رهيو آهي.

ڪنهن به طرح ۽ ڪنهن به قسم جي دهشتگردي ملڪ جي اڪابرن جي اڪابري ۽ سياستدانن جي سياسي نصيرت عام ماڻهن اڳيان ظاهر ڪري ڇڏي آهي، دهشتگردي جنهن به نالي ۾ ڪئي وڃي اها دهشتگردي آهي، ان سان رياستي سگهه طور نبيرو ڪيو وڃي. اسان جي ملڪي بجيٽ جو وڏو حصو بچاءَ جي ادارن تي خرچ ڪيو ٿو وڃي، انهن ادارن جو ڪم ڪهڙو آهي؟ دهشتگردي سان نبرڻ بچاءَ جي ادارن جو ڪم آهي، پلاننگ ڪرڻ سياستدانن جو ڪم آهي، لڳي ائين رهيو آهي ته ٻئي ڌريون پنهنجو پنهنجو ڪم نه ڪري رهيون آهن.

سرڪار جيڪڏهن چئي ٿي ته دهشتگردي تي ضابطو آڻڻ  ناقابل نه آهي ته ان جي عملي صورت ڏيڻ ۾ ڇو نٿي اچي، اسان جو دشمن ڪو به پل وڃائڻ کانسواءِ اسان سان ڪيترن ئي الڳ الڳ طريقن سان وڙهي رهيو آهي ۽ اهو سڀ قبول به ڪري رهيو آهي، جيڪو اسان جون حڪومتون  قبول نه ڪري اسان جي اکين ۾ اوندهه اوتي رهيو آهي.

دهشتگردي ڪهڙي به قسم جي هجي، رياست کان طاقتور نه هجڻ گهرجي، رياست کي پنهنجا سڀ وسيلا دهشتگرديءَ خلاف استعمال ڪرڻ گهرجن، ان ۾ ڪا به سمجهوتي، رياستي سياست ۽ مفاهمت جي لچڪ نه هجڻ گهرجي، خاص طور طالبان هن رياست سان يعني پنهنجي نپائيندڙن سان جنهن طريقي سان ٽريٽ ڪري رهيا آهن، اها افسوس جي ڳالهه نه آهي، ڇو ته ائين ٿيڻو هئو.

رياست جا ڌڻي سموري دهشتگردي کي صوبائي حڪومتن جي مٿان مڙهي پنهنجي ناڪامي لڪائي نٿا سگهن ۽ نه ئي ان ناڪامي جي الزام کان بچي سگهن ٿا، گهرو وزير جو تازو بيان پنهنجي جوهر ۾ هڪ اهڙي بيوسي اظهاري ويو آهي، جنهن تي سچ پڇ افسوس ٿي رهيو آهي، ان کان بهتر اهو نه آهي ته رياست هڪ سگهاري حڪمت عمليءَ سان ڪنهن به ڪامپرومائز ۾ اچڻ کانسواءِ طالبان لاءِ پنهنجو موقف بيان ڪري، پوءِ اهي طالبان پاڪستاني هجن توڙي افغاني هجن.

ملڪي عوام هاڻ اهڙن سياست جي مصلحت ڀرين ٺاهن کان بيزار ٿي چڪو آهي، ڇاڪاڻ ته ان گهڻو ڀوڳيو آهي، وري وري دعوائن ڪرڻ باوجود طالبان خلاف ڪو سخت قدم نه کڻڻ پويان ڪهڙي حڪمت عملي آهي اها ملڪي ماڻهن جي آڏو پڌري ڪئي وڃي ۽ پنهنجي ان چوڻ کي سچ ثابت ڪري ڏيکاري ته ڪا به دهشتگردي ناقابل ڪنٽرول نه آهي.

اسين سڀ ان ڏينهن جي انتظار ۾ آهيون جڏهن رياست فخر سان اهو محسوس ڪرائيندي ته ملڪ ڪنهن به قسم جي دهشتگردي کان پاڪ ٿي ويو آهي، اسان جي ايتري ئي گهر آهي. ڇاڪاڻ ته هن ملڪ جا ماڻهو سياست ۽ اقتدار ماڻڻ عيوض سياستدانن ۽ ادارن طرفان نااهليءَ طور گهڻو وڃائي چڪا آهن، ملڪي ناموس تائين هاڻ ڪو ٻيو رستو وٺڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.