سن ۾پڪڙيل چور کي لاڪ اپ مان فرار ڪرائڻ خلاف هڙتال، ٿاڻي جو گهيراءُ

مانجهند (رپورٽ:بابو عمراڻي)سن ۾بدامني، ٿاڻي تان جوابدار فرار ثيڻ ۽ پوليس جي نااهلي خلاف شٽربند هڙتال ڪري شهرين ڌرڻو هڻي ٿاڻي کي گهيري ورتو.رپورٽ موجب سن ۾ 6 ڏينهن گذرڻ باوجود غلام عباس انصاري جي چوري واپس نه ٿيڻ، چور جو ٿاڻي جي لاڪ اپ مان  فرار  ٿيڻ ۽ پوليس جي نااهلي خلاف سول سوسائٽي، شھري ايڪشن ڪاميٽي ۽ سياسي تنظيمن جي سڏ تي دڪاندارن پنهنجو ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو جڏهن ته شهرين جي ايم سيد پليٽ فارم وٽان احتجاجي ريلي ڪڍي وڏا ڇڇر ٿاڻي آڏو 3 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي انور مڱڻھار، وحيد انصاري، تراب شاهه، شھمير ملاح، نعمت الله شاهاڻي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 6 ڏينهن اڳ غلام عباس عرف ڪلو انصاري جي دڪان مان لکين رپين جي چوري ٿي، جنهن ۾ پوليس هڪ چور کي گرفتار ڪرڻ بعد رشوت وٺي ڇڏي ڏنو ۽ افواهه پکيڙيو ته جوابدار ٿاڻي تان فرار ٿي ويو آهي. ھنن ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس ورتو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.