تنگواڻيءَ مان اغوا ٿيل ٻارڙي جو پتو نه پيو، هڙتال جو سڏ

تنگواڻي (ن ع آ) تنگواڻي مان هڪ ڏينهن اڳ اغوا ٿيل اڍائي سالن جو ٻارڙو آزاد نه ٿيو، وارثن جي دانهن باوجود پوليس ڏيئو نه ٻاريو، شهري اتحاد وارثن سان گڏجي شٽربند هڙتال جو سڏ ڏيئي ڇڏيو، ان سلسلي ۾ شهري اتحاد اڳواڻ قاري ڪفايت الله کوسي، ربڏني ملڪ، رحمدل لاشاري، وارثن استاد مشتاق بکراڻي، فاروق احمّد، شهمور بکراڻي ۽ ٻين چيو ته معصوم مسرور احمّد بکراڻي بيمار آهي، ٽارگيٽ ڪري اغوا ڪيوويو، معصوم نينگر مسرور جي ماءُ کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن، اڳ به ان ئي محلي مان سندن ئي برادري جو ٻارڙو جنيد اغوا ٿي ويو هُيو، مسلسل دانهون ڪري رهيا آهيون، پوليس تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي، هنن ايس ايس پي ڪشمور زبير نظير شيخ سميت پوليس جي اعلىٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته معصوم مسرور بکراڻي کي آزاد ڪرائي گهر ڀاتين ۾ پکڙيل بي چيئني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.