لاڙڪاڻي ۾ پيرسن پاران ڄاٽي تي ڌيءَ گم ڪرڻ جو الزام، احتجاج

لاڙڪاڻو (ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ قمبر شهر واسي پيرسن زال مڙس پاڪ ڪتاب کڻي ڄاٽي مٿان ڌيءَ کي ٻارن سميت اغوا ڪري گم ڪرڻ توڙي  گهر اندر ڀڃ ڊاهه ڪري چوپايو مال کڻي جڳهه تي قبضي جو الزام لڳائيندي ڄاٽي خلاف ڪاريوائي جي گهر ڪري ڌيءَ ۽ سندس ٻارن کي ظاهر ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ قمبر شهر جي ڳئون شالا پاڙي جي رهواسي پيرسن زال مڙس پاڪ ڪتاب کڻي بااثر ڄاٽي جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پيرسن الهه ورايو گوپانگ پنهنجي گهر واري زرينه سان گڏجي روئيندي دانهيو ته 17 سال اڳ مون منهنجي ڌيءَ صفيه جي شادي ڀاءُ ارباب علي گوپانگ جي پٽ عرفان علي گوپانگ سان ڪرائي جنهن مان کيس پنجن ٻارن 10 ورهين جي ڌيءَ قمر، 9 سالن جي حسنين، 8 سالن جي پٽ ثقلين ۽ 5 سالن جي ڌيءَ ردا جي اولاد آهي. هن الزام لڳايو ته ڄاٽو نشو واپرائي جوا کيڏي ڌيءَ ۽ پنهنجي ٻارن مٿان تشدد ڪندو هو جنهن کي اسان منع ڪئي ان تي ڄاٽي ڌيءَ ۽ سندس ٻارن سان ملاقات بند ڪري اسان کي پنهنجي گهر مان ڪڍي ڇڏيو اهڙي دانهن اسان سندس چڱن مڙس ۽ ٻين گهر ڀاتين کي به ڏني پر انهن اسان جي هڪ به ڳالهه به نه ٻڌي ۽ 15 ڏينهن اڳ ڄاٽي عرفان علي گوپانگ بااثر احسان گوپانگ ۽ ٻين جي چرچ تي پنهنجي ڀائرن فرحان، غلام رسول، اربيلو، سونو ۽ ٻين سان گڏجي ڌيءَ صفيه کي ٻارن سميت اغوا ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو، جن جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو خبر ناهي ته اهي زنده به آهن يا نه جڏهن ته ان جو الزام اسان پيرسن زال مڙس مٿان لڳائي اهڙي واقعي جي ٽن ڏينهن بعد ڄاٽي عرفان علي پنهنجي ڀائرن ۽ ٻين سان گڏجي منهنجي گهر اندر گهڙي ڀڃ ڊاهه ڪري منهنجون 5 مينهون ڪاهي جڳهه تي قبضو ڪيون ويٺو آهي جنهن کان پوءِ مون پاڪ ڪتاب کڻي اهڙي دانهن ايس ايس پي قمبر صدام خاصخيلي ۽ حد جي قمبر ٿاڻي جي ايس ايڇ او طفيل احمداڻي کي ڏني پر انهن ڪو به تدارڪ نه ڪيو. جڏهن ته گهر تي قبضي بعد اسان زال مڙس دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهيون جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي اپيل ڪئي ته ڄاٽي سندس ڀائرن ۽ ٻين خلاف ڪاروائي ڪري ڌيءَ ۽ سندس ٻارن کي ظاهر ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.