ريلوي جي ڪمائي گهٽ خرچ گهڻا، رپورٽ ۾ انڪشاف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ريلوي جا خرچ آمدني جي ڀيٽ ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ آهن.

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ريلوي واري وزارت طرفان لکت ۾ جواب ايوان ۾ پيش ڪيو ويو.

دستاويز موجب اپريل ۽ آڪٽوبر دوران ريلوي جو خسارو 35 ارب 31 ڪروڙ رپيا رهيو، جڏهن ته ريلوي جي آمدني 33 ارب رپيا ۽ خرچ 69 ارب رپين کان وڌيڪ هئا.

ريلوي جي 125000 پينشنرن کي هر سال 75 ارب رپين کان وڌيڪ رقم ڏني پئي وڃي.

ريل جي وقت جي پابندي کي 63 سيڪڙو مان وڌائي 80 سيڪڙو ڪيو ويو آهي، عالمي معيار جون 230 تيز رفتار ٽرينون جلد ريلوي فليٽ ۾ شامل ٿينديون.

ريلوي 9 سالن کانپوءِ اسلام آباد تهران استنبول ڪارگو ٽرين شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.