ماهرن عجيب شڪل واري مڇي دريافت ڪري ورتي!

سائنسدانن عجيب مخلوق دريافت ڪري ورتي آهي.

ميوزيم وڪٽوريا ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي ماهرن طرفان هڪ رپورٽ ۾ عجيب سامونڊي مخلوق هٿ ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو ويو آهي.

هن سامونڊي تحقيق ۾ سائنسدانن کي جنهن شئي حيران ڪيو اهو سامونڊي مخلوق جو عجيب مجموعو هو.

سامونڊي محققن جي ٽيم ٽي ميل کان اونهائي ۾ نمونا گڏ ڪيا.

ان حوالي سان ڊاڪٽر ٽم اوهارا ميوزيم وڪٽوريا طرفان ڪيل مهم جي چيف سائنسٽسٽ ٻڌايو ته ٽيم سمنڊ مان Slender Snipe Eel دريافت ڪئي آهي.

هي اها مڇي آهي جيڪا سمنڊ جي اونهائي ۾ ملي ٿي ۽ هن جو وات ڊگهو، ڏند به تيز ۽ ڌاڳي جهڙو پڇ هوندو آهي.

هي سمنڊ جي سطح کان چار ڪلوميٽر هيٺ هوندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.