ناريءَ ساڙ ۾ پنهنجي پريمي جو گهر ساڙي ڇڏيو

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي عورت پنهنجي بواءِ فرينڊ جي گهر کي ئي باهه ڏئي ڇڏي.

گرل فرينڊ پنهنجي ئي بواءِ فرينڊ جي گهر کي رڳو ان ڳالهه تي باهه ڏني ڇو ته سندس فون ڪنهن ٻئي کنئي هئي.

سوشل ميڊيا واهپيدار حيرت ۾ ورتل آهن ڇو ته گهر ساڙڻ جو رڳو اهو سبب هو ته ڇوڪري جي پريمي جي موبائيل تي ڪنهن ٻئي فون اٽينڊ ڪئي هئي.

ٽيڪساس سان واسطو رکندڙ 23 ورهين جي سينيڊا ميري سوٽو سوچيو ته سندس بواءِ فرينڊ کيس دوکو ڏئي رهيو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو هن صبح سان پنهنجي پريمي جو گهر ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيو.

پريميڪا کي بعد ۾ خبر پئي ته اها فون سندس مائيٽياڻي اٽينڊ ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.