دولتپور صفن مان 2 جوابدار گرفتار ، هٿيار ۽ موٽر سائيڪل هٿ

دولتپورصفن ( ن ع آ ) دولتپورصفن شهر مان ڪجهه ڏينهن اڳ عادل عباسي جي گهران تالا توڙي موٽرسائيڪل چور ڪاهي ويا ، جنهن بعد  دولتپورصفن پوليس جي عملدارن حبيب الله لانگاھ ، قربان ڪورائي کڙ ويندڙ لنڪ روڊ تي جوابدارن غلام قمبر زرداري ۽ گلزار عرف گلڙي ملاح کي ٻن پسٽلن سميت گرفتار ڪري ۽ عادل عباسي جي موٽرسائيڪل هٿ ڪئي ، جڏهن ته هڪ جوابدار نثار اوٺو، نويد ۽ سعيد ڀڄي ويا مذڪوره جوابدارن خلاف دولتپورصفن ٿاڻي تي پوليس مقابلا ، 13 ڊي جا ٽي الگ الگ  ڪيس داخل ڪيا ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.